دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي طرفان چيمپيئنز ٽرافي جي انعامي تقريب ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين جي غير موجودگي تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل جي پڄاڻي واري تقريب دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عملدارن جي غير موجودگي تي وضاحت پيش ڪئي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ موجب، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين محسن نقوي، ٽورنامينٽ جي ميزبان بورڊ طرفان نامزد نمائندو هو ۽ کيس تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي، پر هو شامل نه ٿي سگهيو. ترجمان جو چوڻ هو ته محسن نقوي موجود نه هو ۽ فائنل لاءِ دبئي نه پهتو، تقريب ۾ پاڪستاني کي نمائندگي نه ڏيڻ واري معاملي تي ٿيندڙ تنقيد تي آءِ سي سي پنهنجي انعامي تقريب جي طئي ٿيل پروٽوڪول بابت وضاحت ڪئي. ترجمان موجب، آءِ سي سي رڳو ٽورنامينٽ جي ميزبان بورڊ جي سربراهه، مثال طور صدر، نائب صدر، چيئرمين، يا چيف ايگزيڪٽيو کي تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏئي ٿو، ٻيا عملدار، ڀلي موجود هجن پر انعام ورهائڻ واري اسٽيج جو حصو نه ٿيندا آهن. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته هي پروٽوڪول ان جي سڀني ٽورنامينٽن ۾ لاڳو رهيو آهي ۽ رڳو چيمپيئنز ٽرافي تائين محدود نه هو.