اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ محسن شاهنواز رانجها جي قتل جي ڪوشش ڪيس ۾ محمد موسيٰ سواتي ۽ ٻنهي گن مينن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي سول جج شهزاد خان ڪئي. جوابدار محمد صالح سواتي ۽ گن مين عدالت ۾ پيش نه ٿيا. حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي، باني تحريڪ انصاف به ڪيس ۾ نامزد آهي. باني تحريڪ انصاف متعلق ڪيس ۾ 27 فيبروري تائين عبوري ضمانت تي آهي. باني تحريڪ انصاف جي حد تائين چالان نه اچڻ سبب بريت جي درخواست ظاهر ناهي ٿي سگهي.