اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ ڦاٽا سان تعلق  رکندڙ محسن داوڙ طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين تي اعتراض واريندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين جي تفصيلن کان ايوان کي آگاهه ڪري، اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته طالبان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن جي تصديق پاڻ سڌ سماءَ جي وزير مريم اورنگزيب ڪئي آهي، حڪومت کي طالبان سان ڳالهين بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها، پر پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪيو ويو، اسان ماضيءَ مان ڪو سبق نه سکيو آهي، حڪومت ڳالهين بابت ايوان کي آگاهه ڪري، ٻڌايو وڃي ته ڳالهين لاءِ ڪير ويو هو، اهي ويزا تي ويا هئا يا ان علائقي کي فتح ٿيل علائقو سمجهيو وڃي ٿو.