محرم راز … ڇا عمران خان واقعي اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي؟

0
48
محرم راز ... ڇا عمران خان واقعي اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي؟

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني فوج ڇا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن، ڇا اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيي سبب عمران خان جي عوامي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ان ظاهري ڪشمڪش جو نتيجو ڇا نڪرڻ وارو آهي؟ اهي سوال ان وقت پيدا ٿيا، جڏهن عمران خان جي لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ خميس 27 آڪٽوبر تي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ۽ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ عمران خان جو نالو وٺڻ بنا فوج خلاف سندس بيانيي تي ڀرپور جواب ڏنو. پوءِ ٻئي ڏينهن جمعي 28 آڪٽوبر 2002ع تي لاهور ۾ لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي عمران خان انهن فوجي آفيسرن جو نالو وٺي انهن کي للڪاريو ۽ چيو ته “قوم متفق ٿي چڪي آهي ۽  انهن جي سهولت ڪارن کي تسليم نه ٿي  ڪري، جيڪي انهن جي مدد ڪندا، قوم انهن کي به رد ڪري ڇڏيندي. مان گهڻو ڳالهائي سگهان ٿو. مان نٿو چاهيان ته منهنجي ڪنهن ڳالهه سان فوج کي نقصان پهچي.” ٻه ڏينهن اڳ عمران خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته انهن جي لانگ مارچ جو مقصد ڪنهن جي حڪومت ڪيرائڻ يا اليڪشن ناهي پر قوم کي حقيقي آزادي ڏيارڻ لاءِ آهي.

فوج جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ۽ عمران خان جي جوابي بيانن بعد نه رڳو ڄاڻايل مٿيان سوال پيدا ٿيا پر ميڊيا ۾ انهن تي زبردست بحث جاري آهي ۽ انهن جي امڪاني جوابن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. منهنجي خيال ۾ اهي سوال پاڪستان جي تاريخي حقيقتن ۽ معروضي حالتن سان نه ٿا ملن ۽ اهي سوال درست نه آهن. حقيقت اها آهي ته نه ته عمران خان ۽ ان جا حامي عوامي حلقا اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهن ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي اهڙيءَ طرح مخالف ٿي وئي آهي، جنهن طرح ڪجهه حلقا خودفريبي جو شڪار آهن.

ان حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه عرصو اڳ جي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سياست کي سمجهڻ ضروري آهي. جڏهن هتي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو الطاف حسين ايئن ئي “مقبول” هيو، جيئن اڄ ڪلهه عمران خان وچ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ ڪراچيءَ ۾ مقبول آهي. عمران خان سياست ۾ فوج جي مداخلت جي خلاف اهي ڳالهيون ڪندو آهي، جيڪي الطاف حسين ڪندو هيو. الطاف حسين وڏن وڏن عوامي جلسن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فوج تي کليل تنقيد ڪندو هو. عام تاثر اهو هو ته الطاف حسين اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي. ان خود فريبي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف جي حڪومتن ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي روڪڻ لاءِ آپريشن ڪيا ۽ انهن آپريشنز سبب انهن جي حڪومتن کي برطرف ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ پڪو قلعو آپريشن ته پاڻ فوج اچي روڪرايو. مئي 1990ع ۾ پڪو قلعو آپريشن ٿيو ۽ 6 آگسٽ 1990ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي صدر غلام اسحاق خان برطرف ڪري ڇڏيو. حڪومت تي وڌيڪ الزامن سان گڏوگڏ اهو الزام به هيو ته ان سنڌ جي شهري علائقن جي مقبول جماعت جي خلاف ڪارريوايون ڪيون ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون. پوءِ ميان نواز شريف جي حڪومت ايم ڪيو ايم کي قبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ئي طرح جي الزامن تي جولاءِ 1993ع ۾ انهن جي حڪومت ختم ڪئي وئي.

عمران خان ۽ الطاف حسين جي سياست ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن. ٻنهي جي سياست جو بنياد نفرت آهي ۽ اها ئي نفرت انهن جي “مقبوليت” جو سبب آهي. جنهن طرح الطاف حسين پاڪستان جي بنيادي وهڪري جي سياسي قوتن ۽ جمهوري عمل لاءِ “ٿريٽ” هيو، بلڪل ايئن ئي عمران خان “ٿريٽ” آهي. اڄ به عمران خان جو بنيادي هدف اهي سياسي قوتون آهن، جن پرامن جمهوري جدوجهد جي ذريعي پاڪستان ۾ جمهوريت جي نفاذ لاءِ ڪافي اڳڀرائي ڪئي ۽ 18هين آئيني ترميم جي صورت ۾ هڪ وڏي فتح حاصل ڪئي. الطاف حسين وانگر عمران خان جا سياسي هدف ۽ سندس بيانيو به اسٽيبلشمينٽ جي فائدي ۾ آهي. جنهن طرح الطاف حسين جا حامي پوري تاريخ ۾ سدائين اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ استعمال ٿيندا رهيا ۽ پاڪستان جي مظلوم قومن ۽ هيٺين طبقن جي سياست جي مخالف وهڪري ۾ رهيا. بلڪل ايئن ئي عمران خان جا حامي وچ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ ڪراچي جي مڊل ڪلاس جي ماڻهن جو سياسي ڪردار رهيو آهي. اهي ڪڏهن اينٽي اسٽيبلشمينٽ ناهن رهيا. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن طرح اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ۽ ڪارروائي جي ان بنياد تي مخالف هئي ته ايم ڪيو ايم عوام جي مقبول سياسي جماعت آهي. عمران خان ۽ الطاف حسين جي باري ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو تاثر بلڪل ايئن ئي پيدا ڪيو ويو، جيئن انتهاپسند مذهبي گروهن جي باري ۾ پيدا ڪيو ويو آهي. مقبوليت جو جواز بڻائي تحريڪ انصاف جي خلاف به ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

عمران خان جو هڪ اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيو رڳو ان وقت تائين آهي، جيستائين اهو حڪومت ۾ نٿو اچي. اهو پنهنجي ان بيانيي ۾ بظاهر اسٽيبلشمينٽ کي نيوٽرل چئي ڪري ان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته جيئن ويجهي مستقبل ۾ “مقبوليت” سبب جيڪي اليڪشن جا نتيجا بڻايا ويندا، انهن ۾ اسٽيبلشمينٽ تي ڪوئي الزام نه اچي ۽ بعد ۾ اسٽيبلشمينٽ ساڻن گڏ بيهي ته ان جو “عوامي جواز” موجود هجي.هي هڪ گريٽ گيم آهي، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جمعيت علماءِ اسلامي سميت ٻين اتحادي جماعتن جي سياسي قيادت يقينن سٺي طرح سمجهندي هوندي ۽ يقينن ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهي هوندي. انهن کي ان ڳالهه جو به اندازو هوندو ته عمران خان رڳو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ئي نه آهي پر عالمي اسٽيبلشمينٽ جي به ڊارلنگ آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي پاور اسٽرڪچر، آئين ۽ پاڪستان جي وفاقي حيثيت ۾ ڪا تبديلي ڪرڻ جي ڪا ملڪي يا عالمي ايجنڊا آهي ته اها به عمران خان جي ذريعي مڪمل ڪئي ويندي. حڪمران اتحادي جماعتن جي حڪمت عملي لانگ مارچ جي دوران غير امڪاني حالتن پيدا ٿيڻ سان به ناڪام بڻائي سگهجي ٿي.