محرم راز … اچو ته کيڏون(Let’s Play)

0
68
ناليوارو ترقي پسند سياستدان يوسف مستي خان به هاڻي اسان وچ ۾ ناهي رهيو. سندس وفات سان پاڪستان جي مظلوم قومن ۽ محنت ڪش طبقن جي حق ۾ گونجندڙ هڪ بلند آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. يوسف مستي خان جو شمار پاڪستان جي تاريخ جي انهن سياستدانن ۾ ٿيندو آهي، جن سياست مان دولت ناهي ڪمائي پر سياست تي پنهنجي دولت وڃائي. هن وٽ دولت هئي پر هن اها دولت مظلوم قومن ۽ طبقن جي لاءِ سياست تي لڳائي، جتان کيس قيد ۽ بند جي اذيتن ۽ تڪليفن کان سواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيو. هو خانداني رئيس ۽ امير هو پر هن پنهنجي زندگي هڪ ترقي پسند نظرياتي سياسي ڪارڪن طور گذاري. مارڪسي لغت ۾ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو ته يوسف مستي خان حقيقي طور تي پنهنجو پاڻ کي “ڊي ڪلاس” ڪيو. سندس حقيقي سياسي ۽ سماجي رشتو صرف غريب سياسي ڪارڪنن سان رهيو. هن سدائين کاٻي ڌر جي سياست ڪئي ۽ مرندي گهڙي تائين پنهنجي سياسي رشتن کي نه ڇڏيو. منهنجي ساڻس ملاقات تقريبن 30 سال اڳ ٿي هئي. ناليواري ترقي پسند ۽ بلوچ قومپرست اڳواڻ مبشر قيصراڻي ايڊووڪيٽ سان گڏ مان ڪراچيءَ ۾ سندس گهر پي اي سي ايڇ ايس ويو هيس، جتي عظيم سياستدان مير غوث بخش بزنجو رهائش پذير هو. محل نما ڪوٺي ۾ اسان داخل ٿياسين ته دروازي تي ئي يوسف مستي خان اسان جي آجيان ڪئي. مبشر خان قيصراڻي ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ ساڻس مسلسل نياز مندي رهي. اتي مير غوث بخش بزنجو سان ڊگهي ڪچهري ٿي. گهر ۾ آيل سمورن مهمانن جي خاطر داري نوڪر نه پر يوسف مستي خان پاڻ ڪري رهيو هو.انهن جو گهر پرولتاري سياسي ڪارڪنن جو ڳڙهه هو. سياسي ڪارڪن ان کي پنهنجو گهر سمجهندا هئا، جتي انهن کي رهائش، کاڌو ۽ ٻيون سهولتون ملنديون هيون. رڳو اهو ئي نه، گرفتار سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ بھ کاڌو موڪليو ويندو هو ۽ انهن جي ضمانتن جي لاءِ به ڀڄ ڊڪ ٿي رهي هوندي هئي. مان جڏهن به ٻيهر انهن جي گهر ويس، اتي منهنجي بلوچستان ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ناليوارن ترقي پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ٿي ويندي هئي. مون يوسف مستي خان جهڙا تمام گهٽ رئيس زادا ڏٺا آهن، جيڪي زمين زاد ٿي ويا ۽ جن مظلوم قومن ۽ غريب ماڻهن جو سدائين ساٿ نڀايو هجي ۽ انهن خاطر تڪليفون ڏٺيون هجن. يوسف مستي خان 16 جولاءِ 1948ع تي ڪراچي ۾ خواجه اڪبر مستي خان جي گهر پيدا ٿيو. لاله منان باچا ايڊووڪيٽ مطابق سندن تعلق بلوچن جي مشهور قبيلي “گورگيج” سان هو. ان قبيلي کي ڪنهن زماني ۾ بلوچ تاريخ جي ڊگهي قد، قومي هيرو ۽ ناليواري بلوچي شاعر “بالاچ” سبب گهڻي شهرت ۽ عروج حاصل رهيو. بالاچ جي وفات بعد اهو قبيلو وکري ويو ۽ قبيلي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ افغانستان هجرت ڪري ويا ۽ قنڌار جي ڀرپاسي “ڪرز” جي علائقي ۾ آباد ٿي ويا. اڍائي سئو سال اڳ ان قبيلي جا ڪجهه ماڻهو افغانستان کان هجرت ڪري قلات ۾ آباد ٿيا، جڏهن ته يوسف مستي خان جو خاندان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. انهن جو شمار ڪراچي جي حڪمران خاندان ۾ هو. هڪ طرف يوسف مستي خان جو والد خواجه اڪبر مستي خان فشري جي ڪاروبار سان جڙيل رهيو ۽ فيڪٽرين جو مالڪ به رهيو ۽ ٻئي طرف سندس چاچو ستار مستي خان انگريز حڪومت ۾ خان آف قلات جو سفير رهيو. يوسف مستي خان شروعاتي تعليم ڪراچي ۽ پوءِ مري ۾ حاصل ڪئي. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد هن هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني “پاڪستان برما شيل” ۾ بحيثيت مئنيجر ملازمت ڪئي. ڀٽو جي دور ۾ جڏهن بلوچستان ۽ سرحد ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) جي حڪومتن کي برطرف ڪيو ويو ۽ پارٽي تي پابندي لڳائي وئي ته يوسف مستي خان ملازمت ڇڏي سياست جي ميدان ۾ ڪاهي پيو. حڪومت کيس سندس چاچي ستار مستي خان سان گڏ بلوچ مزاحمت ڪندڙن جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ۽ انهن کي قلي ڪيمپ ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. يوسف مستي خان سڀ کان اڳ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (اين ڊي پي) ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن جي قيادت سردار شير باز خان مزاري ۽ بيگم نسيم ولي ڪري رهيا هئا. هو اين ڊي پي ڪراچي جو صدر رهيو. هن 1977ع ۾ لياري جي علائقي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن به وڙهي. پر جنرل ضياءَ اقتدار تي قبضو ڪري اها اليڪشن ٿيڻ نھ ڏني. افغان انقلاب کانپوءِ هو مير غوث بخش بزنجو جي قيادت ۾ بڻجندڙ پاڪستان نيشنل پارٽي (پي اين پي) سان جڙي ويو ۽ آخري دم تائين مير غوث بخش بزنجو جي نظرين تي قائم رهيو. هن جنرل ضياءَ الحق جي خلاف پهرين بحالي جمهوريت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جون تڪليفون برداشت ڪيون. 1993ع کان 1996ع تائين هو پي اين پي جو مرڪزي صدر رهيو. 1997ع ۾ جڏهن پي اين پي جي هڪ ڌڙي مير بزن بزنجو سردار عطاءُ الله مينگل جي سربراهي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ته يوسف مستي خان انهن کان پنهنجي راهه الڳ ڪري ورتي ۽ پي اين پي کي منظم ڪيو. بعد ۾ هن کاٻي ڌر جي پارٽي “پاڪستان ورڪرز پارٽي” ۾ ان کي ضم ڪيو ۽ نيشنل ورڪرز پارٽي جي نالي سان نئين جماعت جوڙي، جنهن جو صدر عابد منٽو هو ۽ يوسف مستي خان سيڪريٽري جنرل رهيو، ان کانپوءِ چار وڌيڪ پارٽين نيشنل ورڪرز پارٽي سان الحاق ڪري عوامي ورڪرز پارٽي جوڙي، جنهن جو صدر عابد منٽو هو ۽ يوسف مستي خان نائب صدر ٿيو. عابد منٽو بعد فانوس گجر پارٽي جو صدر بڻيو. فانوس گجر جي وفات بعد يوسف مستي خان کي پارٽي جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. يوسف مستي خان جي سڄي زندگي سياسي جدوجهد سان ڀريل آهي. هو مختلف تحريڪن دوران مظاهرن ۾ سدائين پهرين صف ۾ رهيو. هو قومي مسئلي کي طبقاتي مسئلي سان گڏائي ڏسندو هو. هو ننڍين قومن جي حقن جي تحريڪن ۾ به شامل رهيو ۽ محنت ڪش طبقن جي حقن جي لاءِ به اڳيان اڳيان رهيو. سندس زندگي جي آخري وڏي تحريڪ بحريه ٽائون طرفان مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضي خلاف هئي. ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض باوجود به هو ان تحريڪ جي قيادت ڪندو رهيو ۽ مظاهرن ۾ پاڻ شريڪ ٿيو. ان ئي بيماري دوران سندس گوادر وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ ان خلاف بغاوت جو ڪيس بڻائي کيس گرفتار ڪيو ويو. سندس سياسي زندگي ۾ انهن کي ڇا ڇا آڇون نه ٿيون هونديون پر هن سدائين اقرار ۾ نه، انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هو دولت مند به هو ۽ ناليوارو سياستدان به. پر هن ڪڏهن به ڪو سرڪاري عهدو يا مراعت حاصل نه ڪئي. بيماري جي بستري تي به سندس سياسي ڪارڪنن سان رابطو قائم رهيو. يوسف مستي خان جي وفات سان سياست ۾ عظيم روايت جو هڪ دور پڄاڻي تي پهتو آهي.

  پاڪستان جي عوام ۽ سياسي قوتن کي عمران خان جي سياست ۾ منجهايو ويو آهي. اهي اهو ڏسي ئي نه پيا سگهن ته اسان جي پاڙي خاص طور تي افغانستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ان لاءِ پاڪستان تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا. هنن کي اندازو ئي نه ٿي رهيو آهي ته پاڪستان کي وڏي طاقتن جي هڪ ٻي جنگ جو ميدان بڻايو پيو وڃي. پهرين جنگين جيان هي جنگ به عالمي طاقتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي حقيقي مقدر حلقن جا به مقصد ئي پورا ڪندي ۽ نقصان عوام ۽ حقيقي سياسي قوتن جو ٿيندو.سامراجي قوتن جي عظيم راند (گريٽ گيم) سبب تباهي ۽ بربادي افغانستان جو ته مقدر بڻجي وئي آهي پر ان تباهي ۽ بربادي جي باهه سان پاڪستان به لازمي طور تي سڙندو آهي. افغانستان ۾ هڪ ڀيرو وري 1979ع ۽ 2001ع واريون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن. 1979ع ۾ سوويت يونين عالمي سامراجي ڄار ۾ ڦاسي افغانستان تي حملي آور ٿيو هو ۽ آمريڪا “مجاهدن” ۽ پاڪستان تي ڊالر نڇاور ڪري اهڙي جنگ شروع ڪئي، جنهن سان سوويت يونين  ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو. ان جنگ سان پهريان پاڪستان ۾ فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جون حالتون پيدا ڪيون ويون. 2001ع ۾ “نائن اليون” جي واقعي جي اوٽ ۾ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ اتان “دهشت گردي خلاف عالمي جنگ“ شروع ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان کي پهريان کان وڌيڪ ڌڪيو ويو، هن کي فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻايو ويو ۽ دنيا تي “نيو ورلڊ آرڊر” مڙهيو ويو. ان جنگ کان اڳ پاڪستان ۾ جنرل پرويز مشرف جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو سياسي ماحول بڻايو ويو.

افغانستان ۾ هن وقت صورتحال اها آهي ته طالبان جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. طالبان وسيع البنياد حڪومت نھ ٺاهي سگهيا، غير طالبان سياسي گروهه ته هونئن ئي حڪومت ۾ شامل ناهي پر طالبان جا ڪيترائي ڌڙا به ان حڪومت کان ٻاهر آهن. طالبان جيڪا اسلامي امارت قائم ڪئي آهي، ان کي دنيا جي ڪنهن به حڪومت تسليم ناهي ڪيو، تسليم نه ڪرڻ باوجود دنيا چاهي ٿي ته طالبان جي حڪومت مضبوط ۽ افغانستان ۾ استحڪام اچي ڇوته دنيا کي ان تاريخي غلط فهمي ۾ مبتلا ڪيو ويو هو ته طالبان ئي افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهن ٿا ڇو ته ايتري وڏي طاقت آهي جو هنن سويت يونين کانپوءِ آمريڪا کي به شڪست ڏني.

عالمي طاقتن کي “شڪست” ڏيندڙ انهن طالبان کان افغانستان نٿو سنڀالجي، هنن کي پاڻ کان وڌيڪ انتهاپسند ۽ سخت گير تنظيم داعش (دولت اسلامي) کان خطرو آهي. طالبان جي حڪومت ۾ القاعده جو سربراهه ايمن الظواهري سميت القاعده جا ڪيترائي اڳواڻ قتل ٿي ويا. اهڙي طرح ڪيترن ئي وڏن طالبان اڳواڻن کي به قتل ڪيو ويو. روزاني بم ڌماڪا ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ درجنين ماڻهن کي مارڻ جون خبرون اينديون آهن. طالبان جو نه زمين تي ڪنٽرل آهي ۽ نه هوائن تي، داعش جا جنگجو مختلف طرفن کان ميزائل حملا ڪري رهيا آهن، افغانستان تي ڊرون حملا به ٿي رهيا آهن ۽ مختلف ملڪ جا جنگي جهاز افغانستان جي هوائن ۾ آزاديءَ سان اُڏامي رهيا آهن. تباهه حال معيشت ماڻهن جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي. داعش جي پيش قدمي تيزيءَ سان جاري آهي.

ٻئي طرف رياست پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون آهن. افغان طالبان انهن ڳالهين ۾ اميدن موجب ڪم نه ڪيو. ٽي ٽي پي جا پاڪستان ۾ حملا وڌندا پيا وڃن، اهي ضم ڪيل اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ پنهنجا قدم ڄمائي رهيا آهن، هنن جو مطالبو آهي ته فاٽا جي انهن علائقن کي ٻيهر الڳ ڪيو وڃي. اهي انهن علائقن کي پنهنجي طاقت جو مرڪز بڻائڻ چاهين ٿا. ٽي ٽي پي جو داعش سان ڳٺ جوڙ وڌي رهيو آهي، افغانستان ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ داعش جو لٽريچر وڏي پيماني تي تقسيم ڪيو پيو وڃي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته وڏي پئماني تي جنگ جي تياري ٿي رهي آهي. يقينن اهو سڀ ڪجهه هڪ اسڪرپٽ موجب ئي ٿي رهيو آهي.

سينيئر سياستدان افراسياب خٽڪ جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح آمريڪا ۽ هنن جي اتحادين سوويت يونين خلاف جنگ ۽ دهشتگردي جو ڪارڊ استعمال ڪيو هو، بلڪل اهڙي طرح اهي اڄ چين ۽ روس خلاف اهي ڪارڊ استعمال ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ پاڪستان کي هڪ ڀيرو وري گريٽ گيم جو ميدان جنگ بڻائڻ جون حالتون بڻايون پيون وڃن. هن جو اهو به چوڻ آهي ته ان راند خلاف مزاحمت صرف قبائلي علائقن ۾ آهي، جهڙي طرح پهريان هئي. پختون تحفظ موومنٽ (پي ٽي ايم) سميت انهن علائقن جا رهواسي پهريان کان خبردار ڪري رهيا هئا ته ٻيهر اها راند کيڏي پئي وڃي. طالبان جي بالادستي خلاف وزيرستان، باجوڙ، ڪرم، اورڪزئي، دير، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهو پاڻ اٿي بيٺا آهن ڇوته انهن علائقن جي ماڻهن پهريان به گهڻو ڏک ۽ عذاب برداشت ڪيو آهي ۽ هاڻي به اهي حالتن کان گهڻو خوفزده آهن. ڇوته انهن علائقن ۾ طالبان پنهنجي انتظاميا قائم ڪري رهيا آهن.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته باقي پاڪستان ۾ ڪابه مزاحمت نه آهي. هنن کي اهڙي سياست ۾ منجهايو ويو آهي جيڪا ڪجهه عرصي کانپوءِ ھنن کان پاڻ به وسري ويندي ڇوته اهي هڪ نئين مسئلي ۾ ڦاسي پوندا. گريٽ گيم جي پنهنجي معيشت آهي، جيڪا افغانستان ۽ پاڪستان سميت خطي جي ٻين رانديگرن کي معاوضي تي ان راند ۾ شامل ڪندي آهي. ان راند جو هڪ طئي ڪيل طريقيڪار (Set Mechanism) آهي جيڪو پاڪستان، افغانستان ۽ هر رانديگر ملڪ جي داخلي سياست سان ڪنٽرول ٿيندو آهي. افغانستان ۽ پاڪستان ۾ به ان راند جون حالتون بڻايون ويون آهن، جهڙي طرح عمران خان چوندو آهي ته اچو فلاڻي اشوءَ سان کيڏون (Let’s Play). بلڪل اهڙي طرح اسان جي خطي لاءِ عالمي طاقتون ۽ هن جا مقامي رهواسي اهو چوڻ وارا آهن ته “Let’s play”. پاڪستان ۾ به سمورا رانديگر تيار آهن. پاڪستان جو عوام ۽ حقيقي سياسي قوتون اهڙي طرح ڦاٿل آهن جو هڪ ڀيرو وري اهي هن گريٽ گيم خلاف مزاحمت نه ڪري سگهنديون.