اسلام آباد(بيورو رپورٽ) محرم الحرام ۾ سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انٽرنيٽ ۽ موبائل فون نيٽ ورڪ جي بندش جو فيصلو لاڳاپيل صوبن جي مشاورت سان ٿيندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سڄي ملڪ ۾ محرم الحرام جي سڪيورٽي پلان تي اهم اجلاس ٿيو، سمورن صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ محرم الحرام جي سڪيورٽي پلان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت جوڳي مواد جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي سفارشون اماڻيون ويون، محسن نقوي چيو آهي ته وفاق صوبن ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو، ڪنهن کي به چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ شرپسندي جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ 10 محرم الحرام تائين قلم 144 لاڳو ڪرڻ ڪيو ويو آهي ، سنڌ ۾ بنا اجازت جلسن، ريلين ۽ هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي هوندي، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سڄي سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.