اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ اندر 9 محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجلسن لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. اسلام آباد سميت پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪالهه 2763 جلوس ۽ 7598 مجلسون منعقد ٿيون، ملڪ جي 1129 انتهائي حساس علائقن ۾ غيرمعمولي سيڪيورٽي اپاءُ ورتا ويا آهن، ڊرونز ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي وفاقي حڪومت جي مرڪزي مانيٽرنگ سيل مان 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ گهرو سيڪريٽري خرم آغا پاڻ مانيٽرنگ جي عمل جي نگراني ڪئي. اسلام آباد ۾ ڪالهه 61 مجلسن عزه ۽ 17 جلوس، پنجاب ۾ 3805 مجلس عزه ۽ 1677 ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. سنڌ صوبي ۾ عزادار 1207 مجلس عزه ۽ 644 جلوس، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 939 مجلسون ۽ 261 جلوس ڪڍيا ويا، بلوچستان ۾ 115 مجلسون ۽ 11 جلوس، گلگت بلتستان ۾ 1290 مجلسون ۽ 111 جلوس، ۽ آزاد ڪشمير ۾ 181 مجلسون ۽ 42 جلوس منعقد ٿيا.