محرم جو چنڊ ڏکن جو چنڊ! … مُحَرَمُ موٽي آئيو، آئيا تان نه اِمامَ

0
34
محرم جو چنڊ ڏکن جو چنڊ! ... مُحَرَمُ موٽي آئيو، آئيا تان نه اِمامَ

مُحَرَمُ موٽي آئيو، آئيا تان نه اِمامَ،

مديني جا ڄامَ، مولا! مونکي ميڙِيين!   (شاهه)

 نئين هجري سال 1447هه جو پهريون سج غمِ حسين عه جي چادر ويڙهي آسمان تي چڙهيو، ته مومنين جون اکيون غم ۾ اشڪبار ٿي ويون. اسلامي سال جي آجيان هر ڀيري جيان مومنين لُڙڪن سان ڪئي. اسلامي سال ته سن 61 هجري کانپوءِ احتجاج جي علامت بڻجي ويو، جنهن جي آجيان پوري دنيا جهان ۾ هر سال سُڏڪن ۽ لُڙڪن هاڻين اکين سان ئي ڪئي وڃي ٿي. روئڻ جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته روئڻ زنده قومن جي نشاني آهي. انسان جڏهن هن فاني دنيا ۾ جنم وٺندو آهي، ته اهو روئندو ايندو آهي، اگر ڪو ٻار روئڻ بنا آيو، جنم مهل نه رنو ته اُن لاءِ عام تاثر اهو جُڙندو آهي ته هي ٻار لڳي ٿو ته مئل آهي، ڇو روئي ئي نٿو. ڪي اهل دل ماڻهو روئڻ ۾ راحت محسوس ڪندا آهن، ڇو ته روئڻ سان دل جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي. ها! دل تي هڪ بار ته ضرور آهي، غم جو جنهن کي هلڪو ڪرڻ لاءِ دل ۽ اکيون روئڻ کان رهي نٿيون سگهن. ڪجهه عقيدتمندن پاران غمِ حسيؑن ۾ روئڻ کي راحت قرار ڏنو ويو آهي. روئڻ جو تعلق دل سان آهي ۽ دل جو تعلق دماغ سان آهي، ڇو ته ڪنهن حقيقت کي پسڻ کانپوءِ ئي نيڻ ٽمڻ شروع ڪن ٿا، ڪنهن به حقيقت کي اکيون ڏسن ٿيون، اُن تي دماغ سوچي ٿو، دل درد جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي.  جنهن کانپوءِ لڙڪ اکين مان سانوڻ رت،  پرهه ڦِٽيءَ جي ماڪ ڦڙن جيان اڪ جي پن تان ٽِمي واريءَ جهڙي جسم تي ڪرن ٿا.

حضرت امام حسين عه جي جدوجهد هڪ حقيقت آهي، جنهن کي وقت جو ڪوبه واءُ لوڏي نٿو سگهجي. حق ناحق جي جنگ ۾ امام حسين عه اڪيلي سِر ڪاميابي ماڻي. اڄ جي وقت جي هر حڪمران لاءِ محرم جو  مهينو اهو پيغام آڻي ٿو ته،  حق خاطر ڪو به سمجهوتو، ڪا به مصلحت مناسب ناهي. اڄ به دنيا جنگ ۽ امن جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. قومي اڳواڻ جو ڪنهن فيصلائتي موڙ تي ماٺ ويهڻ قوم لاءِ ڪوئي چڱو سنئوڻ ثابت ناهي ٿيندو. اڄ حق جي حبدارن جون صدائون آسمان ۾ به بلند آهن. جهر جهنگ ۽ واهڻ وستيءَ مان مظلوم جي حمايت ۾ لبيڪ جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن.

هي صدين جو درد آهي. هن درد تي تاريخ سان گڏ پکي، جانور، مَلڪَ ۽ ماڻهو به رنا آهن. جنهن جي گواهي اهل دل سنڌ جو سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن ڏئي ٿو:

حَسَنَ مِيرَ حُسَينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،

گهَرِ ماڙُهين، جهَنگِ مِرُئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،

پَکِيَنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، ته لَڏيو هوتَ وڃَنِ،

اَلا! شهزادَنِ، سوڀُون ڏِيين سچا ڌڻي!

حضرت حسين عه لاءِ جهنگ ۾ مِرن، اُڀ تي مَلڪن ۽ گهرن ۾ انسانن ۽ آکيرن ۾ پکين رنو، ڇا ته اُن جي غم ۾ ڳاڙيل ڳوڙهن ۾ روح کي راحت ملي ٿي.  اچو ته اڄ مولا حسين عه کي روئڻ هلئون.

چون ٿا: امام حسين عه پنهنجي ساٿ سميت 28 رجب سن 60 هه تي 120 زائفائون، 65 مرد جوان ۽ 32 ٻار ساڻ ڪري مديني منوره کان روانو ٿي ٻارنهن منزلون طئه ڪندو 2 محرم الحرام تي ڪربلا پهتو. جتي نهر فرات جي ڪنڌيءَ تي اچي پنهنجا خيما کوڙيائون، جتان 7 محرم الحرام تي لشڪر يزيد جي سپهه سالار عمر ابن سعد، يزيد جي حڪم تي سيدن جا خيما پٽرايا. 4 محرم کان ڪربلا ۾ يزيدي فوج جي لشڪر ڪشي شروع ٿي. لشڪر ڪشي ۾ هزارن جي تعداد ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ته، امام حسين عه جن به ڪوفي مان پنهنجن ساٿين حبيب ابن مظاهر ۽ سعيد کي خط لکي گهرائي ورتو. ڪربلا جي سر زمين جيئن جيئن سج جي تپش سبب تپڻ لڳي ته ٻئي طرف ترت حسيني فوج جا يڪتا جوان پرعزم ۽ همت ۽ حوصلي سان پنهنجين تلوارن جا مياڻن مان تنگ ڇنائيندا رهيا. بس! رڳو انتظار هو امام حسين عه جي هڪ اجازت ملڻ جو. ايمان جي سلامتي سندن چهرن مان جهلڪي رهي هئي. بهادريءَ جو جوش سندن اندر مان پگهر جي صورت ۾ وهي رهيو هو. هو همدرد هئا، حسين عه جهڙي حقيقت جا، جنهن جي صبر، سچائي همت ۽ حوصلي کان دنيا جو ڪو به اهل دل ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگهي.

سوڍا پنهنجن سرن جو سانگو لاهي پنهنجين ونين کي ساڻ ڪري حسين عه جهڙي حقيقت سان موت ۽ مصيبت جهڙي موڙ تي هر قدم قدم تي ساٿ ۾ رهيا. سندن حوصلا آخري دم تائين بلند رهيا، جنهن جي ايثار کي اڄ به پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. اسان جا حوصلا ڇو ٽُٽي پوندا آهن. اسان جا عزم ڇو اڻپورا رهجي ويندا آهن. اسان منزل ڇو ماڻي ناهيون سگهندا. اسان جو ماڳ ڪهڙو آهي، اسان جي منزل ڪهڙي آهي، اسين بار بار ڇو ٿا ٽُٽي پئون، اُن جو سڌو سنئون مقصد آهي ته اسان جو حسين عه جهڙي حقيقت جهڙو رهنما ناهي. اسان مقصدِ حسين عه کي ڇڏي دنيا جي ڍونڍ جا طالب بڻجي ويا آهيون. اسين غمِ حسين ۾ روئڻ کي عيب ۽ پنهنجن دردن تي روئڻ کي احتجاج سمجهي ويٺا آهيون. اهڙي اَجائي روئڻ سان اسان کي منزل نٿي ملي سگهي. اسان جي اکين مان غمِ حسين عه  جا ڪِرندڙ ڳوڙها وقت جي هر ظالم يزيد جي مُنهن تي چماٽ ۽ ايندڙ وقت ۾ برپا ٿيندڙ انقلاب جي نويد آهي.

مومنين جي اکين مان ڪِرندڙ لُڙڪن کي جنهن ويل به مشعل راهه بڻايوسين ته اُن ڏهاڙي اسين زنده قومن مان ليکيا وينداسين. هنن مشڪل گهڙين مان نڪرڻ لاءِ اسان کي فڪرِ حسين عه مان  اُتساهه وٺڻ گھرجي.  جتان انسانيت جي آجپي واري واٽ نڪري ٿي، اچو ته! اڄ حسين عه کي روئڻ هلئون، جنهن ۾ انسانيت جو سُڪون ۽ صدين جو سچ سمايل آهي. حسيني واٽ  ئي انسانيت جي آجپي واري واٽ آهي. جوش مليح آبادي چواڻي ته:

انسانيت ڪو بيدار تو هو ليني دو،

هر قوم پڪاري گي هماري هين حسين عه،

هر ماڻهو نئين سال کي پنهنجي انداز سان ملهائيندو آهي. پر مظلوم ڪربلا جا عزادار نئين سال کي شهيد محسن نقوي جي هن دعا سان ملهائيندا  آهن:

محسن! اس دعا سي هي آغازِ سالِ نو،

هر پل غمِ حسين عه مين يه آنک نم رهي.

اس دل ۾ اور ڪڇ ڀي نهين، ايڪ آس هي،

آنکون ڪو صرف تيري زيارت کي پياس هي.

اِڪ اور برس بيت گيا هجر مين تيري

آ بارهوين امام زمانا اداس هي

باطل ڪا اب جهان ۾ مڪمل زوال هو

انسانيت ڪو دهر ۾ اوجِ ڪمال هو

يه سال تو گذر گيا جيسي ڀي اي خدا

نيا سال ميري مولا کي آمد ڪا سال هو

العجل يا وارثِ مظلومِ ڪربلا

العجل العجل العجل يا امامِ زمان.