ڪائنات جي تخليقڪار دنيا ۾ ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي پيار جو به هڪ عجيب رشتو جوڙيو آهي. ڀاءُ زندگي جي ڪنهن ڊگهي سفر تي ويندو ته ڀيڻ کيس سفر جي تڪليفن ۽ ٻين سختين کان بچڻ جون هدايتون ڪندي، سفر سُڪون سان ڪرڻ ۽ خيريت سان جلدي سفر ختم ڪري واپس اچڻ جو پئي چوندي. ڀاءُ جي واپس اچڻ تائين سندس ديدون در ۾ اَٽڪيل راهه تڪينديون رهنديون. خيريت سان اچڻ جون پئي دعائون گهرندي. اهڙو انتظار به عربي جي هن چوڻيءَ جهڙو هوندو آهي ته: انتظار موت برابر آهي. علي اڪبر (ع) لاءِ صغريٰ (س) جو انتظار عربيءَ جي چوڻي بڻجي ويو. صغريٰ جا ڀاءُ جي شادي جا سپنا به پورا نه ٿيا. ڀاءُ جي شادي جو ارمان دل ئي دل ۾ رهجي ويو. اها به هڪ حقيقت آهي ته امام حسيؑن پنهنجو ٽن ڏينهن جو شهزادو علي اڪبؑر، ڀيڻ کي ڏيڻ مهل کانئس هڪ واعدو ورتو ته اڄ مان ٽن ڏينهن جو معصوم ڏيان ٿو، پر جڏهن گهران ته ٿوري دير لاءِ مون کي اڪبر ڏجانءِ، ڀيڻ مونکي خالي هٿين نه موٽائجان.
فوج اشقيا جڏهن امام حسيؑن جي ڪنهن به ڳالهه کي نه قبوليو ۽ يزيد جي حڪم تي جنگ شروع ڪئي ته مولا حسين قبيله بني هاشم مان سڀ کان اول پنهنجي سهڻي پٽ علي اڪبر (ع) جي جواني جو خدا جي راهه ۾ نذرانو پيش ڪيو. امام حسيؑن جن جڏهن مڪي کان ڪوفي ڏانهن رُخ ڪيو ته ڪربلا کان ٻاهران منزل زباله پهچڻ تي اُتي سن 61 هجري پهرين محرم جو چنڊ ڏٺو ته مولا جن جي ٿوري دير لاءِ اک لڳي وئي، اک کولڻ شرط زبان مبارڪ مان هي لفظ نڪتا: “انا للهِ وانا اليه راجعون” انهن حسرت ڀرين لفظن کي ٻڌڻ کانپوءِ جناب علي اڪبر (ع) جن پنهنجو عقاب گهوڙو ڊوڙائي مولا حسيؑن کي چيو ته بابا سائين! هن وقت اُن آيت پڙهڻ جو ڇا مطلب آهي؟ مولا فرمايو: ٻچڙا هاڻي منهنجي اک لڳي مان ڏٺم ته هڪ گهوڙي سوار آهي، اهو چئي رهيو آهي. هي وڃن ته ٿا، پر موت هنن جي پويان پويان، گڏوگڏ آهي. مون کي پڪ آهي ته موت يقيني آهي. جناب علي اڪؑبر پڇيو ته، بابا اسان حق تي ناهيون؟ مولا فرمايو: ها! اسان بلڪل حق تي آهيون. علي اڪبؑر چيو: ته پوءِ ڪا به پرواهه ڪانهي. مولا حسين وڏي آواز سان دعا ڏيندي چيو ته منهنجي امڪان ۾ ناهي، هيءَ جزا جيڪا امام ڏئي رهيو آهي. بهتر جزا الله جي طرف کان ۽ پيءُ جي اها دعا ڪنهن پيءُ اهڙي طرح پٽ کي نه ڏني هوندي.
حضرت علي اڪبر عه 10 محرم الحرام جي رات عبادت الاهي ۾ گذاري. فجر جي اذان ڏني. حسيؑن جي سهڻي پٽ جي واريءَ جي ٽٻي تي ڊوڙي “الله اڪبر” جي چوڻ جي دير هئي ته خيمن ۾ قهرام مچي ويو. سانئڻ زينب (س) سڀني بيبين کي سڏي چئي رهي هئي: اچو! اڄ منهنجي سهڻي پٽ جي آخري اذان آهي. ان اذان هر پکي، جانور کي جاڳائي ڇڏيو. سندس ساٿي ته اڳ ئي سجاڳ هئا. انهن جا احساسات ۽ جذبا به بيدار هئا، پر ڪوفي ۽ شام وارا غفلت جي خواب ۾ سُتا پيا هئا. انصارن جي قرباني کانپوءِ جڏهن قبيله بني هاشم جو وارو آيو ته اهي 18 نفس اڳتي وڌيا. جيڪي زمين جي تخت تي پنهنجي مثال پاڻ هئا. جن ۾ شهزاده علي اڪبر به شامل هو. امام حسين سان سندس ئي گهراڻي جا ماڻهو اهڙا شهيد ٿيا، جن جو روءِ زمين تي مثال نه هو. شمر لعين جهڙي طرح مولا عباس (ع) لاءِ امان نامو آندو هو، اهڙي طرح اهل شام وارن علي اڪبر (ع) لاءِ به آندو، پر ان مجاهد اعظم حق تي قربان ٿيڻ جي شوق ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي پنهنجي سيني تي حَصين بن نمير جي وزني برڇي کائڻ کي قبول ڪيو.
ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن ناني جي دين کي بچائڻ لاءِ امام حسيؑن کي جڏهن علي اڪبؑر جي جوانيءَ جي ضرورت پئي ته علي کانپوءِ علي جي سخا کي جيئن جو تيئن جاري رکندڙ علي جي ڌيءَ جي خيمي جي در تي اچي عام سواليءَ جيان “انما يريد الله” آيت پڙهي. اهي لفظ جڏهن علي جي ڌيءَ ٻُڌا ته سانئڻ فضا (س) کي چيو ته ڏسو خيمي جي در تي ڪهڙو سوالي آيو آهي. فضا دروازي تان ٿي سانئڻ کي ٻڌايو ته مولا سائين جن آيا آهن. سانئڻ، دائي فضا کي چيو ڀاءُ کي چئو اندر اچي ٿو يا مان ٻاهر اچان. مولا حسيؑن اندر آيو، ڀيڻ کي اڪبر واپس ڪرڻ جو واعدو ياد ڏياريو. سانئڻ زينب، اڪبر کي سڏ ڪيو، جيئن اڪبر خيمي کان ٻاهر آيو، ماءُ کي ملڻ لاءِ نوڙيو ته سانئڻ پيرن تي هٿ رکڻ کان اڳ ئي ٻانهن کان جهلي ورتو.
مظلوم ڪربلا شهزادي کي پاڻ تيار ڪيو. شهزادي کي علي جو پاجامو، محمد جو جبو، حسن جي جتي، حمزه جي تلوار ڏئي عمامي کي پڳ جا پيچ به ورائي رهيو هو ته انا لله و انا اليه راجعون به پڙهي رهيو هو. اڪبر جڏهن ميدان ۾ پنهنجي گهوڙي عقاب تي چڙهي وڃي رهيو هو ته مولا پٽ کي چيو ته اڪبر وڃي ٿو ته وڃي ڀلي، پر مون غريب تي ويندي مهل هڪ احسان ڪيو وڃ. گهوڙي جو مُنهن فوجن ڏي ڪر ۽ پنهنجو مُنهن مون ڏي. مولا پنهنجي سهڻي ٻچڙي جو ميدان وڃڻ جو منظر ڏسڻ لاءِ پنهنجي چيلهه کي ڪمربند ٻڌي سڌو ڪيو.
علي اڪبؑر ميدان ۾ فوج اشقيا سان مخاطب ٿيندي چيو: “مان علي آهيان، حسين ابن علي جو پٽ، منهنجي پيءُ جو نانو خدا جو رسول آهي. خدا جو قسم اسان رسول جا سڀ کان ويجها آهيون”. علي اڪبر جڏهن لشڪر يزيد جا ڪيترائي نامور پهلوان پڇاڙيا ته اُنهن هڪ سازش سٽي شهزادي تي چئني طرفن کان تيرن، تلوارن ۽ نيزن سان حملا شروع ڪري ڏنا، ٽن ڏينهن جو بکيو، پياسو آخر ڪيترو وڙهي سگهي ٿو. شهزادي تي هر طرف کان حملا ٿيا ۽ هو دشمنن جي فوجن ۾ گهيرجي ويو. اهڙي حالت ۾ جڏهن هڪ يزيدي فوجي شهزادي کي ڏٺو ته چيائين اهو جوان هاڻي اگر جي منهنجي ڀرسان گذريو ته مان اُن جي پيءُ کي ان جي غم ۾ ضرور روئاڙيندس. شهزادو وڙهندي وڙهندي جڏهن اُن جي ڀرسان گذريو ته هن ظالم اهڙو نيزو اڇلايو جو شهزادي جي سيني مان پار ٿي ويو. شهزادي پنهنجون ٻئي ٻانهون گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيون. شهزادي خيمي طرف اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه اچي سگهيو. شهزادي بابي کي مدد لاءِ پڪاريندي پاڻي پيارڻ لاءِ چيو. مولا عرض ڪيو ته اڪبر ٻچڙا! تنهنجي گهوڙي کان لهڻ کانپوءِ تنهنجي بابي کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. تون آواز ڏي. سڏ ڪر مان تنهنجي سڏ جي سهاري تو وٽ پهچندس. مولا حسؑين شهيد علي اڪبر جو سِر مبارڪ پنهنجي جهوليءَ ۾ رکيو. شهزادي جي اُڃ ختم ڪرڻ لاءِ مولا پنهنجي چيچ مان منڊي (يعني حقيق) لاهي پٽ جي زبان تي رکيو، اُن لاءِ ته جيئن پياس جي شدت محسوس نه ٿئي. مظلوم ڪربلا شهزادي کي خيمن ۾ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. شهزادي جي جسم ۾ زخمن جي گهڻائي، گهرائيءَ سبب شهزادي، حسين ابن علي جي جهوليءَ ۾ ئي شهادت جو جام پيتو.