محرم جو چنڊ، ڏکن جو چنڊ ! … درياهه ڪناري تان خيمن کي پَٽايو ويو …!

0
21
محرم جو چنڊ، ڏکن جو چنڊ ! ... درياهه ڪناري تان خيمن کي پَٽايو ويو …!

 اسلام، جيڪو مذهب، اخلاق ۽ انسانيت جو علمبردار رهيو آهي، ان ۾ هجري سال جي پهرئين مهيني محرم الحرام جي ڏهين تاريخ جي رهي آهي. اها تاريخ جيڪا اڳ هن ئي مهيني (ماهه محرم) جي خوشين جو تهوار رهيو، اُن کي تاريخ اسلام ۾ حقيقي اهميت حاصل رهي. نبين، رسولن، جيتوڻيڪ هن ماهه ۾ هنن تهوارن تي خوشيون ماڻيون، پر خاتم النبين صه جي وارثن هن تاريخ تي هنن ڏهاڙن تي سخت مُصيبتون ۽ گهِرا گهاوَ سهي اسلام جي مينار کي هميشه جي لاءِ روشن بڻائي ڇڏيو.

                 سن 61 هجري ماهه محرم الحرام جي چند ڏهاڙن دنيا جي انقلابن جي لاءِ راهه هموار ڪئي. اهي فلاسافر ۽ ڏاها جيڪي ظلم اڳيان نه جهڪڻ جو عزم کڻي اڳتي وڌڻ واري حق جي ڳالهه تي تحقيق ڪري رهيا هئا، تن جي نظر ۾ امام حسين عه جي حيثيت دنيا لاءِ رهبر جي بڻجي سامهون آئي. جڳ مشهور جرمن ڏاهي آر ايس ولسن واقعهء ڪربلا کي پڙهڻ کانپوءِ لکيو ته، “جيئن تيز ۽ سخت اونداهيءَ جو زور جبل سان ٽڪرائڻ شرط ختم ٿي وڃي ٿو، تيئن عرب جي هاشمي خاندان ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جهڙي بهادر جي شجاعت سامهون وڏن وڏن بهادرن جي بهادري جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عرب جي تاريخ حضرت علي ڪرم الله وجهه جهڙا بهادر پيدا ڪري نه سگهي، پر سندن ننڍي فرزند حضرت امام حسين عه جن تي آيل مُصيبتن تي دنيا جا مسلمان اڄ ڏينهن تائين روئندا رهن ٿا”. اهو جرمن اسڪالر وڌيڪ چوي ٿو ته، “دنيا ۾ ڪنهن به بهادر اهڙي بي سرو ساماني، غم ۽ الم جو هجوم ۽ بُک، اُڃ ۽ لاانتها تڪليف هوندي ايڏي وڏي فوج جو مقابلو عربستان جي سخت اُس ۽ گرميءَ ۾ نه ڪيو ۽ نه ڪري سگهيو ٿي، جيئن حضرت امام حسين عه ڪيو”.

عربستان جي بُک ۽ تتل ڌرتي تي پنهنجي چند جانثارن سان امام حسين عه حق ۽ سچ جي جنگ وڙهيو. تاريخ جي اکين ڏٺو ته هن سن 60 هجري جي  ٽين (3) ذوالحج واري ڏينهن تي مڪي کان سفر شروع ڪيو. هر هڪ کي ضرورت جي موافق درهم ۽ دينار ڏنائون. پنهنجن حرمن جي لاءِ محملون تيار ڪرايائون ۽ پوءِ جڏهن سج غروب ٿيو ته حسين ابن علي عه مڪه معظم جي بني هاشم محلي مان اٺ پلاڻي سفر تي اُسهيا. سندس مقدس هٿن آخري ڀيري پنهنجي نانا سائين (صلعم) جي روضي اطهر کي زندگي ڀر لاءِ الوداع ڪيو ته ڪيڏاري جي سرجڻهار ڀٽ تان پنهنجو مُنهن مونن کان ڪڍي چيو:

چنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙِهيا، مَلَههَ مَدِينِئا مِيرَ،

اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَروُن؛  ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛

علِيءَ پُٽَ اَميِرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.

حق ۽ سچ جو هي مختصر قافلو سن 60 هجري تي 28 رجب تي مديني کان ۽ ٽي  (3) ذوالحج تي مڪي کان نڪري سن 61 هجري جي ماهه محرم جي ٻين (2) تاريخ تي ڪربلا  جي رڻ ۾ پهتو. جتي فرات جي ڪنڌيءَ تي اچي خيما کوڙيائين. جتان، درياءِ فرات تان ستين محرم تي سندن خيما پٽائي پاڻي بند ڪيو ويو. هن مختصر حسيني قافلي جي سرواڻ کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪربلا ۾ مخالف لشڪر پهچڻ لڳا. چوٿين تاريخ (ڪي وري ست لکن ٿا) تائين ڪوفين جو پهتل ڪٽڪ 37 هزار هو، جن جو اثر حسيني فوج جي مختصر قافلي ۾ شامل 90 سال جي ٻڍڙي سپاهي حبيب ابن مظاهر (ع) کان وٺي ڇهن مهينن جي ابهم سپاهي علي اصغر (ع) تائين ڪنهن تي به نه پيو. هي پوءِ به وک اڳتي هئا. هن حسيني سٿ ۾ شامل ساٿين مان ڪنهن جي به دل ۾ ڪنهن پل به ماڳ تي واپس موٽڻ جو خيال نه آيو، توڙي جو کين انجام جي خبر هئي.

ستين محرم جي ڏينهن جڏهن يزيدي فوج جو سپهه سالار عمر بن سعد، حضرت امام حسين عه کي درياءَ جي ڪنڌيءَ تان خيمن پٽڻ جو چيو ته، اُهو لفظ حسين عه صابرين برداشت ڪري ويو، مگر علي عه جي طاقت بازو جي وارث حضرت عباس علمبردار کان برداشت نه ٿي سگهيا، کيس جلال اچي ويو، تلوار مياڻ مان ڪڍي الله اڪبر جي صدا بُلند ڪئي، جنهن تي سندس شاگرد سيد سجاد (ع) خيمي گاهه مان اُگهاڙي تلوار سان ٻاهر آيو. عباس دلاور فرمايو ته منهنجي زندگيءَ ۾ حسين عه جي اولاد جا خيما ڪير پٽرائيندو. حسين عه جي ٻنهي پاسن کان اگهاڙين تلوارن سان علي عه جي طاقت هئي، جنهن کي فوري طور قابو ۾ آڻڻ حسين عه لاءِ مسئلو هو. اهڙي موڙ تي قديم ذاڪر پڙهندا هئا ته: “حسين مولا اُن وقت جنگ جهڙي ماحول کي ٽارڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻ کان مدد گهري، جنهن سرڪار عباس علمبردار عه کي تلوار مياڻ ۾ وجهڻ تي مجبور ڪيو. عباس مولا حسيؑن جي مجبوري ڏسي مولا سجاد عه جن به خاموش ٿي ويا.” مولا حسين عه حضرت عباس عه کي حڪم ڏنو ته عباس عه! خيما پٽ، اسان کي جنگ ناهي ڪرڻي ۽ مولا سجاد عه کي فرمايو ته، پُٽ سجاد! توکي ڪربلا نه، پر شام فتح ڪرڻي آهي. اڪثر قديم ذاڪر پڙهندا آهن ته، مولا عباس عه عرض ڪيو ته، آقا حسيؑن، جي جنگ ناهي ڪرڻي ته پوءِ آئون سپهه سالار ڇو آهيان؟ سيد سجاد عه اُن وقت جو بيماريءَ جو بستر ورتو ته شامِ غريبان کانپوءِ اک کوليائين.

ست محرم ٿي وئي آهي. مظلوم ڪربلا جا عزادار رات ڏينهن ماتم، مجلسون برپا ڪندي ڪنهن پل به ناهن ٿڪا، اهو سلسلو اڃا ڪيترائي ڏينهن هلڻو آهي. اهو سڄو اثر آهي حسين عه جي ڏنل عظيم قربانيءَ جو، جنهن ٽن ڏهاڙن جي بُک اُڃ تي رهي ڪري ساٿ ڪهائي اسلام جو سِر بُلند ڪيو. اها شخصيت صرف حسين عه جي ئي آهي، جنهن لاءِ هنن ڏهاڙن ۾ پوري ڪائنات هڪ ڀيرو ظالم خلاف سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. هي دنيا جو واحد احتجاج آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ هڪ ئي وقت ڪيو وڃي ٿو. هي اهو غم آهي جيڪو زندگيءَ ۾ ضروري آهي. شهيد محسن نقوي جي دعا ۾ :

بس ايڪ لفظ شاههِ ڪربلا ڪي نام ڪرو،

دِيا بهت هي يه مرقد مين روشني ڪي ليئي

يه بات خِضرؑ و مَسِيحؑ سي پُوڇ ڪر ديک،

غمِ حُسين عه ضروري هي زندگي ڪي ليئي

لشڪر يزيد ڪربلا ۾ سادات جو پاڻي بند ڪري اهو سمجهيو ته حسين (ع) هاڻ مجبور ٿي جھڪي پوندو ۽ يزيد جي بيعت لاءِ راضي ٿي پوندو. امام حسين (ع) دين اسلام جي زندگي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪئي. اسلام تان پنهنجي جان سميت سموري سٿ کي قربان ڪري ڇڏيو.

ڪُوفِي ڪربَلا ۾، پاڻي نه پيارِينِ،

اُتي عَلِيَ شاهه کي، شهزادا سارِينِ،

نِڪَرِئو نهارِينِ چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَدَ عَربِي!     (شاهه)

نهر فرات جي پاڻي تي فوج يزيد جو قبضو هو ته صرف امام حسين (ع) ۽ ان جي سٿ لاءِ جن جي ابهم کي به ٽن ڏهاڙن تائين پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ به نه ڏنو ويو. مير انيس چواڻي:

ٿا حڪم يه يزيد ڪا، پاني بشر پيئين،

گهوڙي پيئين، سوار پيئين، اور شتر پيئين.

جو تشنه لب جهان ڪي هين، وه بي خطر پيئين

يان تڪ ڪه سب چرند و پرند آن ڪر پيئين

ڪافر ڀي گر پيئين تو، نه منع ڪيجيئو

پر فاطمه ڪي لال ڪو پاني نه ديجيئو.