خاتون جنت سيده فاطمته الزهراء سلام الله عليها جن جي شهادت کانپوءِ امير المومنين حضرت علي عه پنهنجي ڀاءُ حضرت عقيل جن سان هڪ بهادر پٽ جو اظهار ڪيو. “مان چاهيان ٿو ته توهان عرب جي ڪا اهڙي مستور تلاش ڪريو، جيڪا بهادرن جي نسل مان هجي، جنهن سان مان شادي ڪري سگهان. ان جي بدن مان هڪ اهڙو بهادر ۽ اڻموٽ پٽ پيدا ٿي سگهي، جيڪو ڪربلا ۾ منهنجي حسيؑن جو علمدار ۽ دلي خلوص سان مدد ڪري سگهي.” جناب عقيل (ع) جن حضرت علي (ع) کي چيو ته توهان اُم البنين ڪلابيه سان شادي ڪريو، ڇو ته اُن جي ابن ۽ ڏاڏن کان وڌيڪ عرب جي سرزمين تي ڪير به بهادر ۽ شجاع ناهي. حضرت عقيل (ع) جن کان اُم البنين جي خاندان جي تعريف ٻُڌڻ کانپوءِ مولا جن جناب عقيل (ع) کي پنهنجو وڪيل ڪري ڪلابيه قبيلي ڏانهن موڪليو. حضرت علي (ع) جي رشتي جي ڳالهه ڪئي. جناب حزام ڪجهه دير جي مهلت گُهري. گهر اچي ڌيءَ جناب اُم البنين کان مرضيءَ پُڇي. جناب اُم البنين جن حضرت جي رشتي جو ٻُڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين ته بابا! اوهان کي اختيار آهي. جناب حزام گهر مان موٽڻ کانپوءِ حضرت عقيل (ع) کي چيو ته حضرت علؑي سان رشتو ڪرڻ اسان ۽ اسان جي خاندان لاءِ عين سعادت آهي. حضرت عقيل (ع) جن اُتي ئي شادي جي تاريخ ۽ ڏينهن طئه ڪري حضرت علؑي کي ٻڌايو ته مولا جن خبر ٻُڌي خوش ٿيا ۽ حضرت جن اُم البنين جن سان شادي ڪئي.
شادي کان هڪ سال پوءِ حضرت علؑي کي سانئڻ اُم البنين مان هڪ سال کانپوءِ پٽ حضرت عباس (ع) پيدا ٿيا. حضرت علؑي کي جڏهن هن دنيا تي حضرت عباس (ع) جي آمد جي خبر ملي ته پاڻ اُن وقت ئي خالقِ حقيقي جي درٻار ۾ سجده ريز ٿيا ۽ شڪرانو ادا ڪندي چيو ته: اي بار الاهي! هاڻي منهنجي حسؑين جي ڪربلا ۾ امداد ٿي سگهندي. حضرت عباس (ع) جي ولادت تي اهڙو ئي ورتاءُ امام حسيؑن پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو. حضرت عباس علمدار به آقا حسيؑن سان حضرت علي (ع) جي خواهش ۽ معيار مطابق نڀاءُ ڪيو. حضرت عباس علمدار، آقا حسين عه لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي حياتيءَ جي هر سفر کان ويندي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ساڻن گڏ رهيو. حضرت عباس علمدار (ع) جي بهادري ۽ وفا تاريخ جي وکريل ورقن ۾ چِٽن اکرن ۾ اُڀريل نظر اچي رهي آهي. مورخن، مومنن کان مون جيان حضرت عباس علمدار (ع) جي اها جنگ ڪيئن ٿي وسري سگهي، جيڪا حضرت عباس ٻارهن سالن جي ڪمسني جي عمر سن 38 هجري ميدان صفين ۾ 3 لک لشڪر سان وڙهي. حضرت عباس عه ميدان ۾ وڃڻ کانپوءِ موت تي موت بڻجي ڪڙڪيو.
جنگ صفين، ميدان ۾ وڃڻ کان اڳ مولا علؑي جن سان هاشمي خاندان جا چار بهادر گڏ هئا، پر حضرت عباس (ع) جو پاڻ انتخاب ڪيو. حضرت عباس (ع) جي چهري ڏي نظر ڪندي مولا فرمايو: اڄ منهنجو ٻارهن سالن جو علي دشمن جي ٽي لک فوج لاءِ ڪافي آهي. حضرت عباس علمدار کي مولا علؑي جن ميدان ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ تيار ڪيو. تلوار، زرهه ۽ پوشاڪ پنهنجي پارائي چهري ۽ اکين تي نقاب ڏئي پنهنجي گهوڙي تي سوار ڪري ميدان موڪليو. حضرت عباس، جڏهن ميدان ۾ تلوار ذوالفقار کي جنبش ۾ آندو. ٿوري دير کانپوءِ اهڙي علي رضه جي انداز جيان جنگ ڪرڻ، وڙهڻ سان ميدان صاف، خالي ٿي ويو. جنگ ماٺي ٿي وئي.
اها سن 38 هجري جي پهرين جنگ هئي، جنهن ۾ جناب اُم البنين جي گلشن جو ننڍڙو گل علي (ع) جي خواهشن جو مجموعو تاجدار وفا حضرت عباس علمدار بابي علؑي آڏو هر رنگ ۾ پورو لٿو. اها سن 38 هجري جي خوش قسمت گهڙي هئي، جنهن 35 سال جو امام حسين، 12 سالن جي حضرت عباس (ع) کي جنگ وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ وڃڻ کانپوءِ واريءَ جي وڏي دڙي تي چڙهي جنگ ڏسي خوش ٿي رهيو هو. پر جڏهن 61 هجري ميدان ڪربلا ۾ 32 سالن جو حضرت عباس علمدار جنگ جي اجازت گُهري ٿو، ته نٿي ملي. وڏي سفارش کانپوءِ جيڪڏهن اجازت ملي به ٿي ته صرف ۽ صرف پاڻي آڻڻ جي، جنگ ڪرڻ جي نه…!! معصوم سڪينا (س) جو ماشڪي جڏهن درياءَ فرات جي ڪنڌيءَ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي ٿو ته حسيؑن مولا، ڀاءُ عباس (ع) جي جوانيءَ جي سلامتيءَ جون دعائون گُهري ٿو.
عباس کي امڙ اُم البنين جا لفظ ننڍپڻ کان وٺي ياد آهن ته عباس تون ٻانِهيءَ جو ٻار آهين. بيبي فاطمته الزهراء (س) جي اولاد سان وفا ڪجان، جي نه ته پوءِ ماءُ توکي قيامت تائين ٿڃ نه بخشيندي. 7 محرم کان 10 محرم تائين عباس اُن ئي سوچ ۾ پريشان رهيو. هڪ طرف سيدن جا 32 ٻار پياسا. ٻئي طرف جنگ ڪرڻ کان منع. (عباس عه هڪ ڀيرو جڏهن خيمي ۾ پاڻي آندو هو ته ان کانپوءِ عباس (ع) کي ماشڪي جو لقب مليو). اڄ فاطمھ الزهراء (س) جو اولاد ڏکن ۾ ۽ عباس (ع) بيوس بڻيل آهي.
ڪربلا ۾ جڏهن خوشگوار موسم جي هوا لڳڻ بند ٿي وئي. رُتَ بدلجي وئي. موت جي موسم شروع ٿيڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ (9 محرم تي) شمر ذالجوش (جيڪو عباس جو مامو هو) امام حسيؑن جي خيمن ڀرسان اچي چيو ته: ڪٿي آهن عباس، جعفر، عبدالله، عثمان، (مولا علي کي اُم البنين مان چار پٽ هئا) اچو مان توهان جي لاءِ ابن زياد کان امان (پناهه) نامو آندو آهي. مولا حسين عه شمر جي اهڙي گفتگو ٻڌڻ کانپوءِ حضرت عباس کي حڪم ڪيو ته ڏسو هي ڇا ٿو چوي. امام جو حڪم ملندي ئي حضرت علي عه جا چار ئي شير خيمن کان ٻاهر نڪري پيا ۽ چوڻ لڳا ته تون ڇا ٿو چوين؟ شمر چيو: “اي منهنجا ڀاڻيجئو! مان توهان لاءِ ابن زياد کان امان، موت کان پناهه، جيءُ جو جيئدان آندو آهي. توهان حسيؑن سان گڏ رهي فضول پنهنجي جان نه ڏيو ۽ حسين عه جي لشڪر کي ڇڏي يزيد جي بيعت ڪريو. شمر جي ڳالهه جا لفظ اڃا ختم ئي نه ٿيا ته شير کي جلال، ڪاوڙ اچي وئي. ابن زياد جي امان نامي کي ٺوڪر هڻي چيو ته: خدا توتي ۽ تنهنجي امان نامي تي لعنت ڪري، اسان کي تون امان ٿو ڏين ۽ رسول صه جي پٽ (مباهلي ۾ رسول صه حسؑن ۽ حسيؑن کي پنهنجو پٽ ڪري تعارف ڪرايو) امام حسيؑن لاءِ امان ناهي (تاريخ علمدار ڪربلا صفحه 234) حضرت عباس جي واتان شمر اهو جواب ٻڌڻ کانپوءِ ابن زياد کي چيو ته هاڻي جنگ، قتل حسين ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي.
سن 61 هه جي ڏهين تاريخ جو سج جڏهن پنهنجي عين شباب ۾ هو ۽ سيدن جا 32 ٻار ٽن ڏينهن کان بُکيا، خالي پيٽ ۽ پياسا هئا ته حضرت عباس عه کي مولا حسيؑن کان معصوم سڪينا (س) جي سفارش ۽ اولاد علي (ع) جي اُنهن سڀني پياسن جي صدقي پاڻي آڻڻ جي اجازت ملي. علمدار عه يزيد جون فوجون چيريندو درياءِ فرات جي ڪناري پهتو. هڪ هٿ ۾ عَلم، ٻنهي ڪلهن ۾ پاڻيءَ جي ڀريل مشڪ، دل ۾ سڪينا ۽ اصغر جي پياس کي ختم ٿيندو ڏسي خوشيءَ مان سيدن جي خيمن ڏانهن اچي رهيو هو ته لشڪر يزيد کي ابن زياد پاران حڪم مليو هو ته ڪنهن به صورت ۾ اهلبيت جي خيمن ۾ پاڻي نه پهچڻ گهرجي. اُهي اُن ارادي سان عباس جي سامهون آيا ۽ علمدار عه جي ضرب کان بچي نه سگهيا. نيٺ يزيدي لشڪر جي حڪيم بن طفيل لڪي لڪي عباس علمدار جي ساڄي ٻانهن تي وار ڪيو ته مولا جن عَلم پاڪ کي ڪِرڻ نه ڏنو ۽ کاٻي هٿ ۾ ورتو ۽ ان کانپوءِ زيد موقعو ڏسي ٻئي پاسي کان حملو ڪيو. ٻئي بازو ڪٽجڻ کانپوءِ مولا عباس عَلم کي سيني سان ۽ مشڪ کي ڏندن مبارڪن سان روڪڻ، جهلڻ جي ڪوشش ڪئي ته قبيله تميم جي هڪ شخص عباس جي سِر مبارڪ تي هڪ وزني گرز سان وار ڪيو، جنهن سان مولا جن گهوڙي جي زين ڇڏي زمين تي آرامي ٿيا. امام حسيؑن کي پنهنجي مدد لاءِ پڪاريو. امام حسؑين ڀاءُ جي لاش تي پهتو. مولا عباس جا ٻئي بازو قلم، اک ۾ تير لڳل، تيرن جي زخمن سان ڀريل جسم، مولا حسؑين زخمي ڀاءُ کي پنهنجي گوڏي تي سمهاريو. مولا عباس علمبردار جي سادات سان وفا جو اهڙو قصو زمانو تاقيامت ٻڌائيندو رهندو.