محرابپور ( ن پ ا ) محرابپور ۾ سچل ڪميونٽي پاران ٽن ڏهاڙن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آهي، جوکين واري پڙ تي لڳايل ڪتابي ميلي ۾ مختلف قسمن جي ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، ڪتابي ميلي جو افتتاح گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور جي پرنسيپل پروفيسر محمد صفر سهتو ڪيو، ڪتابي ميلي ۾ مختلف علمي ادبي شخصيتن ڊاڪٽر ذوالفقار جلباڻي، استاد روشن علي سهتو، ڄام محبت سهتو، غفار عباسي، غضنفر سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪتابي ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته سماجي تنظيم سچل ڪميونٽي جي اڳواڻ استاد غلام اڪبر خواجه ۽ سندس کاهوڙي سٿ کي جس هجي جنهن محرابپور شهر اندر هر سال جيان هن سال به ڪتابي ميلو لڳرايو آهي، جنهن سان کوڙ سارن ماڻهن کي سستي اگھ تي ڪتاب ملي رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جا ڪتابي ميلا هر شهر اندر لڳڻ گهرجن، شاگرد طبقي ۽ خاص طور تي نوجوانن کي وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ گهرجن، جنهن سان معاشرو ضرور ترقي جي راھ طرف گامزن ٿيندو.