محرابپور (ن پ ا) محرابپور ۾ منافعي خور واڙي مالڪن کير جو اگھه چوٽ چاڙهي ڇڏيو، جنهن سبب پورهيت طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي، شهر جي مختلف هنڌن تي واڙي مالڪ کير جو في ڪلو 220 رپيا ڪري ڇڏيو آهي، واپارين جي اهڙي فيصلي سبب شهر واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته واڙي جا مالڪ مال جو چارو مهانگو هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڏينهون ڏينهن کير جي اگهن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته مقامي انتظاميا واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري غريب طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن کير جا هٿرادو اگهه مقرر ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.