محرابپور (ن پ ا) محرابپور شهر جي حسيني چوڪ وٽ شاهي بازار ۾ سرور راجپوت جي ڪريانه جي هول سيل دڪان  تان 3 اڻڃاتل هٿياربند لکين روپيا روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا، دڪاندار جو چوڻ هو ته ڦورو دڪان اندر داخل ٿي 3 لک روپيا ڪيش ۽ ٻيو سامان ڦري ويا آهن، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا.