محرابپور (ن پ ا) محرابپور شهر جي ڪوٽڙي ڪبير اسٽاپ ويجهو وارڊ نمبر 3 ۾ گهر خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس پورهيت جي گهر تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس گهرڀاتين تي لٺبازي ڪري ڏني جنهن ۾ عورت ماهنور زخمي ٿي پئي، پوليس جي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ان حوالي سان پورهيت ارشد ملڪ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي گهر تي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ عزيزن سان عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي، ان باوجود روينيو عملي ۽ محرابپور پوليس بااثر ڌر جي ونگار وهندي اسان جي گهر مٿان چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو، اسان جي 8 مردن، 5 عورتن ۽ 3 معصوم ٻارڙن کي سخت تشدد بعد پوليس گهران کنڀي کڻي وئي آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪئي وڃي.