محرابپور (ن پ ا) محرابپور ويجهو نينگر محراب شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت، خبر موجب پير قائم شاهه واسي چوٿين ڪلاس جو شاگرد 10 سالا فرمان پٽ خادم حسين نانگور محراب شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر موٽر سائيڪلن جي دڪان تي ڪم سکندو هو، ڳوٺ کان محرابپور ايندي گرمي سبب محراب شاخ ۾ وهنجڻ لٿو ته ٻڏي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.