ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صوبائي محتسب محمد سهيل راجپوت ملاقات ڪري 2024ع جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي،رپورٽ موجب 2024ع ۾ 9151 شڪايتون مليون، جن مان 5299 شڪايتن کي جاچ لاءِ منظور ڪيو ويو. انهن مان 4602 شڪايتون حل ڪيون ويون، 2348 ڪيسن ۾ متاثر ماڻهن کي عملي رليف فراهم ڪيو ويو، شڪايتون حل جي شرح 51 سيڪڙو رهي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد شاهه سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله ملاقات ڪري ڪئي، ان موقعي تي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، ڪپهه جي هائبرڊ ٻجن جي ترقي بابت سهڪار ۽ واپاري سهڪار کي ھٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايٿوپين سفير وڏي وزير کي ايٿوپيا جي دوري جي دعوت ڏني، موٽ ۾وڏي وزير چيو ته هو جلد ايٿوپيا جو دورو ڪندو.