نئون ديرو(ن پ ا) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي 16 هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ پ پ سٽي نئون ديرو ۽ تعلقي رتيديري پاران پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدارت ۾ ٽائون هال نئون ديرو ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻي کي صدارتي خطاب ڪندي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر خورشيد خوڻيجو چيو ته ايندڙ اليڪشن ويجهو هجڻ ڪري هن سال ورسي جلسي ۾ پوري دنيا جون نظرون کتل هونديون ته جلسي ۾ ڪيترو عوام شريڪ ٿئي ٿو. ان ڪري اسان کي ورسي جلسي ۾ لکين ماڻهون شريڪ ٿي دنيا کي ڏيکاريون ته پيپلز پارٽي جا جيالا ورڪر پنهنجي قائدين سان گڏ آهن ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڪامياب ڪري وزير اعظم بڻايون، 27 ڊسمبر اسان جي لاءِ تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن اسان کان پنهنجي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري عوام کان ڌار ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين ۽ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري خطاب ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حقن خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني، 27 ڊسمبر تي 16 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، پ پ سٽي نئون ديرو جي صدر سيد ارشد شاھ راشدي ڳالهائيندي چيو ته نئون ديرو کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين فري شٽل سروس مهيا ڪئي ويندي ته جيئن مزار تي ويندڙ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي مفت سهولت ميسر ٿي سگهي.