ميھڙ(ن پ ا) شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 ھين ورسي جي موقعي تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شرڪت لاء 18 ڊسمبر تي ڄامشورو ضلعي مان نڪتل سپاف جو پيادل قافلو ميھڙ پھتو سپاف ضلعي ڄامشورو جي صدر فياض جمالي جي اڳواڻي ۾ نڪتل پيادل قافلي ۾ شريڪ فھيم زرداري، رضوان ڏاھاڻي، عبدالرحمان انڙ، جاني لاکير، ڪامران ملاح ۽ ٻيا شامل آھن پيادل قافلو ميھڙ باء پاس وٽ پھچڻ تي پ پ پ يوٿ ضلع انفارميشن سيڪريٽريءَ مير صدام ٻلھڙو، سجاد پنھور، دلبر چانڊيو، يونس پنھور ۽ ٻين پاران شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڄامشورو ضلعي مان پيادل نڪتا آھيون ڳڙھي خدابخش پھچي محترمه کي ڀيٽا پيش ڪنداسين ھنن چيو ته ڀٽو خاندان عوام لاء پنھنجيون جانيون ڏنيون 27 ڊسمبر تي پوري ملڪ مان ماڻھو پھچي شھيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪندا پيادل قافلو رات ميھڙ ۾ رھڻ بعد صبح سوير ڳڙھي خدا بخش لاء روانو ٿي ويندو.