محبوب ڳولي ڏس من ۾ ….

0
31
محبوب ڳولي ڏس من ۾ ....

 تاريخ جي ورقن کي اٿلائينداسين ته سُڌ پوندي ته معاشرتي  زندگيءَ  کي گذاريندي ڌرتيءَ جي مٿاڇري مٿان جڏهن به جتي به ڪو روز ظلم ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن اُتي ڪو جوڌو جوان بهادر انسان سرويچ صوفي سَنت جنم وٺندو آهي، جيڪو پنهنجي همٿ حوصلي ۽ هنر وسيلي زور ظلم جي زمين مٿان رھواسين لاءِ سندس دردن جو درمان بڻجندو آهي. اهڙا تمام گهڻا مثال موجود آهن. مروند جي شهر مان حضرت لعل شهباز قلندر جو سونهاري سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ اچڻ، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ حضرت سچل سرمست رح جو جنم.

                 سچل سائين ننڍپڻ کان وٺي تخليق ڪائنات ۽ ان جي رنگن تي غور و فڪر ڪندي حقيقت تائين پهچڻ چاهيندو هو. سندس زندگي انهيءَ عمل پوئواري ڪندي جسماني روحاني ۽ فڪري طرح ڌيان گيان وسيلي وڌندي رهي. هو هميشه چاهيندو هو ته کيس هر شيءِ جي شناسائي ملي ته اُها ڇا آهي، ڇو آهي؟ ۽ انجي هن سنسار منجھ سندس ڪهڙي اهميت، حيثيت ۽ افاديت آهي. هو چاهيندو هو ته کيس انساني زندگيءَ جي مختلف پاسن جي به سُڌ ملي. هن عبادت رياضت وسيلي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي عام ڪيو، جيئن اٻوجھ ڀليل انسان شعوري طرح سجاڳ ٿي حق ۽ حقيقت کي سمجهي وک وڌائين. سندس شاعري ۾ رندي رنگ، مستي و ڪيف، انتظاري ۽ بيقراري، سونهن ۽ سندس ساراھ، محبت ۽ سڪ، پاڻ سڃائڻ واري عمل سان گڏ ڪيترين ئي ڳجهين ڳالهين تان پردو پري ڪندي بيباڪي ۽ بلند آواز سان بيان ٿيل آهن.ڪلهوڙن جي دور ۾ ڀرڀاسي وهنوار واپار ۾، پوکي لُڻي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي هن محسوس ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ وسيلي اٻوجھ عوام ۾ سجاڳي ۽ بيداري پيدا ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي، سندس اهڙي عمل تي وقت جي حاڪم ڏمرجي سچل سائينءَ کي تڪليفون به پهچايون پر هن ماڻهن جي شعوري سگھ کي جاڳائڻ وارو عمل جاري رکيو. سچل سائينءَ جي شاعري ۾ جن ڳجهين ڳالهين کي پڌرو ڪيو آهي، اهي مختصر هجن ته انهن جي گڻپ ڪجي پر سندس سموري شاعري اهڙي ڳالهين لفظن،  نڪتن، گفتن سان ڀريل ملي ٿي. اهڙيون ڳجهيون ڳالهيون جڏهن پردي مان پڌريون ٿيون ته ٻڌندڙ انسان حيرت جو اهڃاڻ بڻجي ويو.

جهڙي طرح سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي جهڙ ۾ سمائجي آسمان تائين پهچندو آهي ۽ اُتان وري مينهن جي صورت ۾ زمين تي وسندو آهي. زمين کي سيراب ڪندي منجهس لڪل گلن ٻوٽن، وڻن ٽڻن جي آبياري ڪندي ڪجهه پاڻي جر بڻجي ۽ ڪجهه ندين نالين وسيلي سرندي ٻيهر سمنڊ ۾ وڃي سمائجي ويندو آهي، يعني سمنڊ جي پاڻيءَ جي صورت هڪ مينهن واري صورت، وڻ ٽڻ جي آباديءَ آبياري جي صورت يا جر واري ۽ ندين نالن واري صورتن ۾ سمنڊ تائين پهچڻ يعني مالڪ هڪ، سندس جلوا جدا جدا. سچل سائين ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته، “سڀاڻ، لسي، ڏهي مکڻ اهي صورتون جدا جدا آهن پر سندن محور ۽ مرڪز هڪ ئي آهي “کير”. مطلب سائين ساڳيو، درشن ڌارون ڌار. ڀلاري ڀٽ ڌڻي رح چواڻي: “جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون”. ويچارڻ واري ڳالھ اها آهي ته انھيءَ سڄڻ تائين پهچجي ڪيئن؟ انهيءَ حوالي سان ڀڳت ڪبير پنهنجي گيان جي گهرائي مان ٻڌائي ٿو ته سچ چوڻ، ٻڌڻ جهڙي رياضت ٻي ڪا ڪانهي. ڪوڙ ڪُپت جهڙو گناھ ڪونهي. جنهن جي من اڇائي سچائي، ان جي من ۾ خود خدا هوندو آهي. حضرت بوعلي قلندر رح فرمائي ٿو ته سڄڻ ته پنهنجي اندر ۾ موجود آهي. هو ته هميشه گڏ رهيو آهي، پوءِ تون پنهنجي ڀرپاسي ڇو پيو نهارين؟!

حضرت سچل سرمست رح فرمائي ٿو ته “محبوب ڳولي ڏس من ۾ اللہ، من ۾ اللہ، سو تن ۾ اللہ”. سڄڻ جو ديرو ته تنهنجي من اندر آهي، پوءِ تون پريشاني جي عالم ۾ آبادي ڇڏي ويراني ۽ پڪ ڇڏي پريشاني ۾ ٻين پاسن ڏانهن ڇو پيو ڊوڙين؟ تون رڳو غور ۽ فڪر ڪندي پنهجي اندر جهاتي پائي ته سڄڻ سامهون آهي. سچل سائين مالڪ جي حقيقي هيڪڙائي سمجهائيندي انسان جي به رهنمائي ڪندي چيو ته تون پاڻ کي حقير ڇو پيو سمجهين؟ کيس پنهنجي عظمت ۽ اعليٰ حيثيت کان به روشناس ڪرائيندي چيو ته ٻين جي واکاڻ ڪرڻ ۽ انهن کي سڀ ڪجهه سمجهڻ بجاءِ تون پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهه. چيو ويندو آهي ته جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن رب کي سڃاتو. جنهن رب کي سڃاتو تنهن سڀ کي سڃاتو.