محبوب علي شر کي گوگل واران پاڪستان جو پهريون ايس اي او ايڪسپرٽ تسليم ڪري ورتو. گوگل وارن سندس نالو دنيا جي ٽاپ ايس اي او واري لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. محبوب علي شر قائد عوام يونيورسٽي نواب شاھ مان آئي ٽي گريجوئيٽ آهي، جنهن کي سافٽ ويئر ڊولپمينٽ، ويب ڊولپمينٽ، آئي ٽي ڪنسلٽنس، ۽ ايس اي او ڪنسلٽنسيءَ ۾ 14 سالن جو تجربو آهي. في الحال Icreativez Technologies جي CEO طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ Icreativez  Technologies تي ايس اي او پروجيڪٽس جا انتظام سنڀالي رهيو آهي.

محبوب شر انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، جيتوڻيڪ هن ڪيترائي سال سافٽ ويئر انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪيو، هن اهو تجزيو ڪيو ته ڊجيٽل مارڪيٽنگ سندس دلچسپي جو شعبو آهي ۽ خاص ڪري ايس اي او ۽ هو اڳتي وڌيو، پهرين هن پنهنجي ويب سائيٽ جي درجه بندي Ranking شروع ڪئي، ڪيترا ئي مهينا ڪم ڪرڻ کان پوءِ هن اصل ڳجھه ڄاڻي ورتو. هن پنهنجي ڪمپني جي ويب سائيٽ تي ڪيترائي تجربا ڪيا ته اصل ۾ ڇا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڇا ڪم نه ڪري رهيو آهي، هو اھڙو ايس اي او ماهر نه آهي جنهن ايس اي او ماهر ٿيڻ لاءِ آن لائين سبق/ ٽيوٽوريل ۽ ڪورسز مان سکيو ھجي، پر هن هڪ هڪ ڪري سڀني شين کي لاڳو ڪيو ته جيئن ان کي يقيني بڻائي سگهجي.

محبوب شر ڇا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڇا ڪم نه ڪري رھيو آهي. هن جي مطابق، جيڪڏهن توهان سرچ انجڻ آپٽمائيزيشن سکڻ چاهيو ٿا ته پهرين گوگل سرچ انجڻ آپٽمائيزيشن گائيڊ ذريعي وڃو ڪنهن به وسيلن کان ڪجهه به سکڻ کان پهريان جيڪڏهن توهان کي بنيادي HTML  ڪوڊنگ وغيره جي ڪا به ڄاڻ نه آهي ته پوءِ توهان ڪنهن به سورس/ ٽرينر وغيره کان مدد حاصل ڪري ڪري سگهو ٿا، پر ان جي پڪ ڪريو ته پهريان اوھان گوگل تان Guidelines سکيون ۽ سمجھون آھن. هن جو ٻيو قاعدو اهو آهي ته سرچ انجڻ لاءِ مواد نه لکو پر اهو مواد لکو جيڪو استعمال ڪندڙن کي قدر فراهم ڪري، ”ها“ سرچ انجڻ لاءِ مواد کي بهتر بڻايو. ٻين لفظن ۾، توهان کي ماڻهن لاءِ دلچسپ مواد ڏيڻو پوندو ۽ سڀ کان اهم سادو، سمجهڻ ۾ آسان ۽ معلوماتي مواد هميشه بادشاهه جو ڪردار ادا ڪندو آهي.

ڇا توهان محبوب شر جي خاصيت کي ڄاڻو ٿا؟ هو ڪڏهن به هڪ ئي وقت 20 کان وڌيڪ ايس اي او پروجيڪٽس نه کڻندو آهي، ڪم کي معياري بڻائڻ لاءِ هن جا ڪجهه ضابطا ۽ حدون مقرر آهن. ھو 20 کان وڌيڪ پروجيڪٽس ۾ هٿ ناھي وجھندو. ها، هن جي ٽيم وڌيڪ پروجيڪٽ حاصل ڪري سگهي ٿي پر جيڪڏهن توهان محبوب جي خاص شموليت چاهيو ٿا ته پنهنجي پروجيڪٽ ۾ شرڪت لاءِ  پهريان کانئس پڪ ڪريو ته هن وٽ نئين پراجيڪٽ لاءِ ٽائيم سلاٽ موجود آهي.

اھڙين خوبين سان سرشار سنڌ جي پٽ محبوب علي شر کي گوگل پاران پاڪستان جو پھريون ۽ دنيا جي ٽاپ ايس اي او واري لسٽ ۾ شامل ڪري، ايس اي او ايڪسپرٽ طور تسليم ڪري ورتو آھي. جنھن سبب سمورن سنڌين جو عالمي سطح تي نالو روشن ڪيو آھي.

سوشل ميڊيا تي پاڪستان توڙي پاڪستان کان ٻاھر رھندڙ سنڌي ڪميونٽي محبوب شر جي مھارت بابت پنھنجي پوسٽن وسيلي سُرھائي جو اظھار ڪري رھي آھي……(اڏار فيس بوڪ گروپ تان ورتل)