ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا لائبا خان ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته شوبز سميت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي لابي سسٽم کيس نظرانداز ڪيو، مُک ڪردار ادا ڪرڻ باوجود موٽ نه ملي. لائبا خان ويجهڙ ۾ ڀارتي صحافي شهريار فريدون کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. پروگرام دوران هڪ موقعي تي لائبا خان مزاحيه انداز ۾ چيو ته هاڻي هوءَ شادي بابت ناهي ڳالهائيندي، ڇو ته شادي بابت ڳالهائڻ سبب سندس شادي ناهي ٿي رهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته محبت ۾ سڀ کان اهم شئي عزت هوندي آهي، محبت ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن محبت ڪندڙ عزت نه ٿو ڪري ته پوءِ اهڙي محبت جو ڪو فائدو ناهي. سندس چوڻ هو ته هوءَ ننڍپڻ ۾ ڏاڍي لڄاري هئي، سندس والدين کيس همٿايو، جنهنڪري اڄ هوءَ شوبز ج ڪامياب ترين اداڪارائن جي قطار ۾ بيٺي آهي.