محبت ۽ جنگ جي وچ ۾

0
21

انسان ته قديم زماني کان اقتداري حوص ۽ ذاتي مفادن خاطر جنگيون ڪندو رهيو آھي ، ليڪن انهن جنگين جون تباهيون  به پنهنجي اکين سان ڏسندو رهيو آھي ، پر پوءِ به مڙي نه ٿو .
قديم وقت ۾  ھن ساري ڌرتي تي  ڪٿي وڌيڪ علائقن تي گڏيل  حڪومت هوندي هئي ، ته ڪٿي ننڍن ننڍن ٽڪرن تي بادشاهتون هونديون هيون ، جڏھن ڪو بادشاهه يا راجا وڌيڪ طاقت يا لشڪر گڏ ڪري وٺندو هوته هو ٻي سلطنت تي ڌن ۽ ڌرتي حاصل ڪرڻ خاطر  حملو ڪندو هو ، پوءِ ان حملي ۾ جيڪڏھن  ڪامياب ٿيو ته  اتي جي مال ملڪيت سان گڏ  اتان جو پرڳڻو به سندس حصي ۾ ايندو هو ، پر جيڪڏھن شڪست نصيب ٿيدي هيس، ته رهيو کهيو مال وڃائي ، لشڪر مارائي پوئتي موٽندو هو ، ڪڏھن ڪڏھن ته سندس تخت به وٽانئس هليو ويندو هو ، ۽ پاڻ وڃي ٻي ڪنهن بادشاهي ۾  پناهه وٺندو هو .
دنيا  جي ساري ڌرتيءَ جيان  پاڪ و هند جي سرزمين جي تاريخ به هزارين سالن جي جنگين ۽ تباهين سان ڀري پئي آھي، اڻ آرين ۽ آرين جي جنگين کان ويندي ، راجا ڏاهر ۽ عربن جي لڙاين تائين،مرهٽن ۽ مغلن جي لڙاين کان ويندي خلجين ۽ سومرن جي لڙاين تائين ،ميرن ۽ انگريزن جي لڙاين کان ويندي ، پاڪ ڀارت جي لڙاين تائين ، انسانن فقط  موت ، بک ، بيماريون ۽ تباهيون ئي ڏٺيون آھن.
اڳي وقت جي ڀيٽ ۾ ھاڻي دنيا ايتري ته ترقي ڪئي آھي ، جو انساني تباهي ڪرڻ لاءِ  فقط هڪ بٽڻ دٻائڻ جي ضرورت آھي،اهو بٽڻ  دٻائڻ سان ائٽم بم ڦاٽي هن دنيا کي آتش نمرود جهڙو بڻائي ڇڏيندو، ساهوارا سڀ سڙي خاڪ ٿي ويندا ،  ساوا وڻ ڪوئلو ٿي ويندا ، موسم زخمي ٿي پوندي ، فضا تابڪاري جي بدبودار دونهين سان  ڇانيل رهندي ، ۽ ڌرتي جو سونهارو چھرو ئي مسخ ٿي ويندو.
انسان کي اڄ ڪلھه  اهڙا هٿيار ٺاهڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي آخرڪار ڪهڙي ضرورت آھي ؟ ماڻھو ماڻھو جو ايڏو ويري ڇو بڻيو آھي ؟زندگي ۾ هر ڏک سک ماڻھو کي برابر  محسوس ٿئي ٿو، هر انسان هن ڌرتي تي هٿين خالي آيو آھي ۽ ھٿين خالي وڃڻو آھي ، پوءِ اهو سڀ ڪجھه ڇاجي لاءِ ؟  ماڻھن ۽ ملڪن جون دشمنيون ڇالاءِ؟ ڪو  به مذھب رتوڇاڻ جي اجازت نه ٿو ڏي،ڪو به مذھب ڪنهنجي ڌرتي ۽ سرتي کي ڦٻائڻ جي اجازت نه ٿو ڏي ، ڪو به مذھب ڪنهن قوم کي غلام بنائڻ جي اجازت نه ٿو ڏي ، پوءِ  ھندستاني حڪمران ستر سالن کان ڪشميرين کي لٺ جي زور تي غلام بنائي مٿن  تشدد  ڪندا  پئي رهيا آھن. حڪمرانن کان آزادي گهرڻ ڪري کين موت جي منهن ۾ ڇو ڌڪيو پيو وڃي ؟ ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان تي  ڪنهن نه ڪنهن تهمت سبب ڇو بندوقون اڀيون ڪيون وڃن ٿيون ؟
پاڪستان ۽ هندستان جو ورهاڱو  هندن ۽ مسلمانن جي طويل  جدوجهد جي ڪري  سندن  مرضي سان ڪيو ويو هو ، اها ٻي ڳالھه آھي ته ان  ورهاڱي دوران مذھبي ڪٽرپڻي ڪري ڪيترائي انسان بي گناهه قتل ڪيا ويا ، ۽  ان ورهاڱي  ۾   ملڪي سرحدن تي  گهڻو رت وهيو ، انساني جانين ۽ مال جو وڏو نقصان ٿيو ،ليڪن انهن ڳالهين کي وساري  هاڻي اسان کي امن طرف وڌڻ گهرجي.
ھندستان هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا پاڪستان تي بلا جواز حملا ڪري چڪو آھي ، جنهن ۾ کيس سواءِ شڪست جي ٻيو کيس ڪجھه ناهي پلئه  پيو، ڪڏھن پلواما  واقعي جي آڙ ۾   ته ڪڏھن  ڪنهن نه ڪنهن بهاني ھندستان جو پاڪستان تي گجڻ تاريخي بيوقوفي ۽ ھٺ ڌرمي آھي.  پاڪستان به طاقتور ملڪ آھي ، ليڪن اهو ڪنهن به ملڪ سان ويڙھه نه ٿو چاهي ،هو سدائين پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا رکڻ جي ڪوششن ۾ مصروف  رهندو آھي ، ڇاڪاڻ ته  بهتر لاڳاپن سان  سيڙپڪاري وڌندي آھي جنهن سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ايندو آھي. جنگين جي  صورت ۾  نه فقط انساني زندگيون تباهه ٿينديون آھن ،  ليڪن ان خطي ۾  امن ، ترقي ۽ ساريون  خوشيون به تباهه ٿي وينديون آھن.  
لوڪ گيت چارڻن جي نڙين ۾  ڪنهن ڦاٿل ڪنڊي جيان اٽڪي پوندا آھن ، باراتن جو تصور ٽٽي پوندو  آھي ۽ سيجون وڇائڻ کان  رهجي وينديون آھن ، بهارن جي اڀرندڙ سجن جي روشني ڌنڌلائجي ويندي آھي ۽ چانڊوڪيون ميريون ٿي وينديون  آھن ، لوڪ گيت مري ويندا آھن ۽ چڙن  جون چونگاريون گونگيون ٿي وينديون ،ساوا  وڻ ڪاراٽجي ويندا آھن ۽ آکيرن ۾  ويٺل پکين جا هانءُ ڦاٽي پوندا آھن ،، ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ اسان کي جنگ قبول نه آھي اسان امن ۽ محبت چاهيون ٿا ، سلي ۾  اسان سان به ڀائيچاري ۽ محبت جو ورتاءَ ڪيو وڃي ، اسان کي پاڻ تي جنگ مڙهجڻ قبول ناهي ،
جنگ ڇيڙڻ ته آسان هوندي آھي ليڪن اها ختم ڪرڻ يا روڪڻ ماڻھو جي وس ۾ نه  رهندي آھي ، جنگين سبب ترقي جا سڀ ڪم بند ٿي ويندا آھن ، روڊ رستا ويران هوندا آھن ، اچڻ وڃڻ ۽ پيغام پهچائڻ جو ڪو وسيلو نه هوندو آھي  ،پري پري رهندڙ ماڻھو پنهنجن جي خير عافيت پڇڻ لاءِ پريشان هوندا آھن ، بس هر طرف غربت ، بک ، بيماريون ڦھليل هونديون آھن ، موت پيو لامارا ڏيندو آھي ، مڪمل اونداهي ڇانيل رهندي آھي.
جيئن ته پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي کي ڪيئي ورهيه  گذري چڪا آھن  پر پوءِ به  هندستان  پاڪستان جي آزادي برداشت  ن ڪري سگهيو آھي. پاڪستان  جي آزادي کي  ڀارت شايد اڃان دل سان قبول ڪري نه سگهيو آھي ،  ان ڪري  ئي  هندستان کي پاڪستان جي آزادي جي جذبي سان هر وقت  ڪٺورتا پئي رهي آھي ،جنهنڪري هو ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڄمون ڪشمير جي مسلمانن تي گوليون هلائي سندن آزادي جي خواهش کي ڪمزور ڪندو رهيو آھي.
جيتوڻيڪ ڄمون ڪشمير جا ماڻھو اڌ صدي کان به آڳاٽو اهو مطالبو ورجائيندا رهيا آھن ته کين آزادي ڏني وڃي ، هو هندستان جي ظلمن کان انتهائي تنگ ۽ ناراض آھن ، پر هندستان انهن مٿان مسلسل بندوق تاڻي بيٺو آھي ۽ ھنن جا جوان آزادي لاءِ وڙھندا ماربا پئي رهيا آھن. اڃان تائين اقوام متحده سميت عالمي دنيا ان مسئلي کي نبيري نه  سگهي آھي ، جنهن جو نبيرو باقي رهيل آھي ، هندستان کي لڳاتار اهو خوف رهندو پيو اچي ته پاڪستان وڌيڪ طاقتور ٿيندو پيو وڃي ،ڇاڪاڻ ته هن وٽ ڳرا ۽  ڪمائتا فوجي هٿيار آھن ۽ گڏوگڏ ساڻس چين ، سعودي عرب ، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جو ساڻس ڀرپور ساٿ آھي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي سبب هندستان ان سان فوجي کئونس ڪندو ٿو رهي،  جا انتهائي خطرناڪ حد تائين وڃي سگهي ٿي.
هندستان کي پنهنجي تاريخ جو دورو ڪرڻ گهرجي ، جنهن سان کيس پتو پوندو ته هيءَ ڌرتي جنهن تي اسلام کان اڳ هندو ڌرم ، ٻڌ ڌرم ، جين ڌرم  جو ڳچ عرصي تائين غلبو رهيو آھي ، انهن مذھبن جا پيروڪار اهنسا جي اصول جا پابند رهيا آھن ، جن وٽ ويڙھه جو ته تصور ئي ڪونه هو ،اهي موهه ، لالچ ، ڪرود ۽ نفرت کان پري رهيا آھن ، شاهه  لطيف جي سر رامڪلي ۾  جن ڪاپڙين ، سامين ۽ جوڳين جو ذڪر ملي ٿو ، اهي جين مت ۽ ٻڌ مت جا ماڻھو هئا،  جن روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ  پري جا پنڌ ڪيا ۽  تن کي تسيا ڏيئي ،تپسائون ڪيائون .
پسيو آسڻ ان جا  ادوها اچن
ڪينر ڪاپڙين جا، صبوح تا ن سجهن
جي رائي منجھه ، آئون ن جيئندي ان ري.
پاڪ هنڌ جي ڌرتي  امن ۽ محبت جي ڌرتي رهي آھي ،جتي ڪيئي عالم ، اڪابر ، بزرگ ۽ شاعرآيا ، جن امن  محبت ۽ انسانيت جي تبليغ ڪئي   ۽  جن جي مزارن  جا مينار اڄ به امن ۽ محبت جا  شاهد  آھن.
جيتوڻيڪ صدين کان ھي خطو امن ۽ سلامتي وارو سمجهيو پئي  ويو  ،  هن وقت ان خطي ۾  جنگ جا دهل وڄائڻ  ھتي جي نه فقط ماڻھن کي ڊگهي عرصي تائين خوف ۾ مبتلا ڪرڻ برابر  آھي ، ليڪن هن ڌرتي سان   وير وڌائڻ  جي به  برابر آھي ، جيتوڻيڪ هن وقت جي اهم ضرورت اها آھي ته  ڀارت هٺ ڌرمي کي ڇڏي، ڪشمير جي ماڻھن کي آزاديءَ سان رهڻ ڏي ۽  پنهنجي پر امن  پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان ويجهڙائي وارا ناتا جوڙي ته جيئن  هن خطي ۾  نئين سري سان ترقي ۽ امن جو راهون تلاش ڪري سگهن.