ڪنڊيارو/محبت ديرو (نمائندن وٽان) محبت ديرو ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ ھٿان ٻن ٻارن جي ماءُ قتل، واقعي بعد جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ نھال شاهه ۾ جوابدار مختيار  شاهه پنهنجي 18 ورھين جي نوجوان ڀيڻ ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ عرفانه شاهه کي گهرو اڻبڻت تان بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي ڪنڊيارو اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري صبح جو سوير گهرو اڻبڻت تان گهران نڪري وئي هئي، جنهن کي ڳولا بعد هٿ ڪري شام جو قتل ڪيو ويو، آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو ۽ نه ئي پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪا ڪارروائي ڪئي هئي،