محبت ديرو (ن پ ا)  محبت ديرو لڳ درگاھ سيد پيرناٿن شاھ جو سالياني ميلي جو افتتاح درگاھ جي گادي نشين سيد دامن علي شاھ ۽ ايڊووڪيٽ فقير شاڪر علي ھيسباڻي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ڪيو، ميلي جي پھرين ڏينھن تي ملھه جا شاندار مقابلا ٿيا، جنھن ۾ سنڌ پنجاب جي ملھه پھلوانن حصو ورتو، جڏھن ته ڏسندڙن پاران ملھه پھلوانن کي خوب داد ڏنو ويو، ميلي ۾ اٺن ۽ ڏاندن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ ٿيا، ميلي مٺاين جا دڪان ۽ ٻارن جي لاءِ رانديڪن جا دڪان ۽ جھولا پڻ لڳايا ويا، ميلي ۾ اڄ ٻئي ڏينھن به ملھه جا مقابلا ٿيندا .