محبت ديرو (ن پ ا)محبت ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽل سرگاڻي ۾ سرگاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان مبينه جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا شوڪت سرگاڻي ۽ خالد سرگاڻي زخمي ٿي پيا جن کي حد جي ٿاڻي تان ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنھن مان ھڪ زخمي شوڪت سرگاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ ريفر ڪيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سھندي شوڪت سرگاڻي دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا پيا وڃن، ھوڏانھن پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون آخري اطلاعن موجب ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگھي ھئي.