رتوديرو(ن پ ا) رتيديري ۾ محبتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان جيئي سنڌ قومي محاذ پاران جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي مزار تي تقريب ڪوٺائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر ، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، عزيز شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گل نشاور ڪيا ۽ ٻوٽا پڻ لڳايا، صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته اڄ محبتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان شهيد بابا جي مزار تي گڏ ٿيا آهيون جتي گل ٻوٽا پوکي ڌرتي سان پيار جو اظهار ڪيو آهي. هي ڏينهن ڌرتي ۽ شهيد بابا سان محبتن جو ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته سنڌي قوم ڪئنالن کي رد ڪري ٿي، منصوبو رد نه ڪيو ويو ته سنڌ مزاحمت به ڪندي.