ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي ۽ شاهد ميراڻي ) ڪراچي جي ڪورنگي واري قومي تڪ اين اي 240 جي ظاهر ٿيل نتيجن ۾   متحده اميدوار محمد ابوبڪر 10683 ووٽ کڻي 65 ووٽن تان سيٽ کٽي ورتي  جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جو شهزاده شهباز10618 ووٽن سان ٻئي  نمبر تي هو ، مهاجر قومي موومينٽ ( حقيقي )جو محمد رفيع الدين ٽئين، پ پ اميدوار ناصر رحيم چوٿين ۽ پي ايس پي جو شبير قائمي پنجين نمبر تي هئا، صوبائي اليڪشن ڪمشنر هنگامن سبب پولنگ نمبر 51 جا نتيجا روڪي ڇڏيا هئا، جڏهن ته  تڪ جا حتمي نتيجا جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ 240 ۾ ووٽرز جو ڪل انگ 5 لک 29 هزار 855 آهي، جن ۾ 2 لک 35 هزار 470 عورت ۽ 2 لک 94 هزار 385 مرد ووٽرز آهن، ننڍي چونڊ لاءِ 309 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون هيون ، جن مان 203 انتهائي حساس ۽ 106 حساس قرار ڏنيون ويون هيون ،هوڏانهن ڪراچي جي تڪ اين اي 240 تي پولنگ جو عمل صبح جو 8 وڳي کان  شام جو 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيو، تڪ جا صرف8.32سيڪڙو کان به گهٽ ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ گهران نڪتا، عام موڪل نه هجڻ ڪري ووٽ ڪاسٽنگ جو تناسب ( ٽرن آئوٽ)  تمام گهٽ رهيو، اميدوار به ووٽرن کي گهران ڪڍي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيندي نظر آيا.

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ۽ فقير سليم)   ڪورنگي جي قومي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ دوران سڄو ڏينهن هنگاما: سياسي ڪارڪن قتل پي ايس پي ۽ ٽي ايل پي پاران مالڪي جي دعويٰ : 8 زخمي، ڪورنگي ۾ سڄو ڏيهن ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، مختلف پولنگ اسٽيشنن تي جھيڙا ٿيا، لانڍي جا مختلف علائقا جنگ جو ميدان بڻيل رهيا، لانڍي 6 نمبر ۾ سياسي پارٽين جي ڪيمپن تي به هنگاما ٿيا، سياسي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي تي ڏنڊن، مڪن ۽ لتن جو وسڪارو لائي ڏنو،  هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي، ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي ۽ انيس قائمخاني جي گاڏين تي فائر ڪيا ويا، ٻئي اڳواڻ گاڏين ۾ موجود نه هئڻ ڪري محفوظ رهيا، فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ سياسي ڪارڪن 60 ورهين جو سيف الدين پٽ ڪليم الدين  مارجي ويو، پي ايس پي اڳواڻ ارشد ووهره ۽ ٽي ايل پي اڳواڻ قاسم فخري مارجي ويل ڪارڪن جي مالڪي جي دعويءِ ڪئي آهي. جڏهن ته  فائرنگ ۾ پي ايس پي جي مرڪزي اڳواڻ افتخار عالم، 18 ورهين جي وليد، 30 ورهين جي فيضان، 48 ورهين جي ادريس، 42 ورهين جي خالد چوهاڻ، 38 ورهين جي اسلم، 23 ورهين جي شفيع الله  سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي جناح ۽ لياقت نيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب زخمين مان ڪجهه کي گوليون ۽ ڪجهه کي ڏنڊا لڳل آهن. هنگامن سبب لانڍي جي  مارڪيٽ بند ٿي وئي، هنگامن بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، سرچ آپريشن دوران مذهبي جماعت جي ٻن گارڊن کي به گرفتار ڪيو ويو  ان ڏس ۾ پي ايس پي ترجمان الزام هنيو ته سندن ڪارڪنن کي ٽي ايل پي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تشدد جو نشانو بڻايو. پي ايس پي جي آفيس تي به حملو ڪيو ويو. هوڏانهن ٽي ايل پي ترجمان الزام هنيو ته پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي سرپرستي ۾ سندن ڪارڪنن کي مارڪٽ ڪئي وئي، ٽي ايل پي جا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن. ايم ڪيو ايم به پي ايس پي تي حملن جو الزام مڙهيو. ٻئي طرف لانڍي ۾ هنگامن دوران پولنگ عملو ڀڄي ويو، جنهن بعد نامعلوم ماڻهن بيلٽ باڪس ٽوڙي ڇڏيا. پولنگ اسٽيشن 87 تي نامعلوم شخص بيلٽ پيپر دري مان هڪ سياسي ڪارڪن کي ڏئي ڇڏيا، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان ان شخص کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته پرزائيڊنگ آفيسر کي به حراست ۾ ورتو ويو. هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اختر اوڍو چيو آهي ته ڊي آر او سان رابطو ڪيو آهي، جلد ذميوارن  خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، 200 کان وڌيڪ ماڻهن اچي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي ڪليئر ڪيو آهي. ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس او پي تحت  رينجرز کي پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر رکيو ويو هو ، پوليس پلان تحت 1500 اهلڪار مقرر ڪيا ويا، پولنگ اسٽيشنن  ٻاهران امن امان برقرار رکڻ پوليس جي ذميواري هئي، هن چيو ته پولنگ نمبر 51 جا  نتيجا روڪيا ويا آهن،  في الحال نتيجن جو اعلان نه ٿيندو، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن جي رپورٽ تي لائحه عمل طئه ڪيو ويندو. هوڏانهن وزيراعليٰ هنگامن بابت  آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي