ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ايم ڪيو ايم جون 3 اهم وڪيٽون ڪِري پيون، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا سهيل، مزمل قريشي ۽ سيف يار خان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سان ملاقات بعد پ پ ۾ باضابطه طور شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ پ پ ۾ شامل ٿيل خواجا سهيل منصور چيو ته ايم ڪيو ايم وارن سندن گهرن تي لوٽا ۽ لٺيون لٽڪايون آهن، آئون سمجهان ٿو ته اهي لوٽن ۽ لٺين کي پنهنجو چونڊ نشان بڻائيندا، ايم ڪيو ايم جا ماڻهو مونجهاري ۾ مبتلا آهن، ڪراچي جي اصل پارٽي پيپلز پارٽي آهي، ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل شخصيتون اڄ پيپلز پارٽي ۾ آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ماڻهن کي خوفزده ڪري رهي آهي، جيڪو مناسب ناهي، ڪنهن کي بندوق جي زور تي گاڏيءَ ۾ نه آندو وڃي.مزمل قريشي چيو ته اسان سڀني کي حق آهي ته ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿي وڃون؟ ڪراچي جي عوام کي خبر آهي ته کين ڪهڙي طرف وڃڻ گهرجي. وڌيڪ ماڻهو ايم ڪيو ايم کان پري ويندا، سيف يار خان چيو ته اسان جي پنهنجي سڃاڻپ آهي، اسان شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو فرق ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، ڌمڪيون ڏيندڙن  کي چوان ٿو ته توهان جتان توهان پڙهيو آهي، اسان به اتان ئي پڙهيا آهيون. پريس ڪانفرنس ۾ پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته بدمعاشي ۽ غنڊا گردي قبول ناهي، ڪراچي تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻي آخري ساھ کڻي رهي آهي ان ڪري اسان جو ايم ڪيو ايم سان ڪو مقابلو ئي ناهي، هن چيو ته ماڻهن جي گھرن تي لوٽا لٽڪائڻ واري وائرل ڪيل ويڊيو شرمناڪ آهي، اها وڊيو پارٽي ڇڏيندڙ ڪارڪنن کي پريشان ڪرڻ لاءِ وائرل ڪئي وئي آهي، ماضي ۾ ڪو ايم ڪيو ايم ڇڏي ها ته ان جو خراب حشر ڪيو وڃي ها، هاڻي وقت مٽجي ويو آهي، پيپلز پارٽي ۾ شموليتون ڏسي ايم ڪيو ايم وارا پريشان ٿي ويا آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا دوست مثبت سياست ڪن، ڪنهن کي ڊيڄارڻ وارو دور ناهي رهيو،