ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان 15 جون تي سنڌ حڪومت خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن پاران سنڌ حڪومت جي تعصب واري پاليسي خلاف ريلي ڪڍڻ جي تجويز رکي وئي. جيڪا رابطا ڪاميٽي منظور ڪري ورتي. رابطا ڪاميٽي پاران فيصلو ڪيو ويو ته 15 جون تي منجھند 3 وڳي حسن اسڪوائر کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويندو. رابطا ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي تعصب ڪري ڪراچي کنڊر بڻجي ويو آهي، اسان مارچ ڪري حڪومت کي ٻڌائينداسين ته ڪراچي هلندو آهي ته مُلڪ هلندو آهي.