ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي پري بجيٽ اجلاس ۾ ميمبرن پاران تڪراري ڪئنالن جي شديد مخالفت، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو آهي ته پاڻي کسجڻ واري معاملي تي سنڌ حڪومت سان گڏ آهيون، ڪالهه اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سنڌ جو پاڻي کسجڻ واري معاملي تي سنڌ سرڪار سان گڏ آهيون، اسان پاڻ کي سنڌي سمجهون ٿا، اسان کي ڪراچي جو به درد آهي ته ڪشمور جو احساس رکون ٿا، ڪئنال واري معاملي تي سنڌ سرڪار سان گڏ هونداسين، هن چيو ته اسان کي وڏي وزير يا حڪومت جي ڪنهن وزير جي نيت تي شڪ ناهي پر سنڌ جي ترقي جي راهه ۾ اصل رڪاوٽ سرڪاري بابو (ڪامورا) آهن، جيڪي ڪميشن کانسواءِ ڪو ڪم نٿا ڪن، جيڪو سندن سسٽم جو حصو ٿئي ٿو، ان جو ڪم ٿئي ٿو باقي جائز ڪم به رلايو وڃي ٿو، اسان جي تنقيد کي تنقيد براءِ اصلاح ورتو وڃي، هن چيو ته گذريل سال حڪومت بجيٽ ۾ نوان منصوبا شامل نه ڪيا. ڪيترائي کاتا آهن، جتي نوان منصوبا ڏنا ويا آهن ، 9 مهينا گذرڻ باوجود ڪيترن منصوبن تي هڪ رپيو به خرچ نه ٿيو آهي. علي خورشيدي چيو ته ڪراچي جو ميئر به اسان جي ڪا ڳالهه نٿو ٻڌي، خبر ناهي ته هن کي ايم ڪيو ايم تي ڪهڙي ڪاوڙ آهي جو اسان جو ڪو ڪم نٿو ٿئي. ايوان ۾ ڳالهائيندي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته تعليم هر گهر ۽ هر شخص جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هيل تعليم تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۾ سنڌ جا پنجاهه سيڪڙو اسڪول تباهه ٿي ويا. 83,000 استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، جن مان 65,000 استاد هاڻي ڪم ڪري رهيا آهن، تعليم واري وزير چيو ته58 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. انهن کي اسڪول ۾ آڻڻ لاءِ رسمي ۽ غير رسمي اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. صوبي ۾ پنج هزار اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. اسان گذريل ڪجهه سالن ۾ نصاب ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون آهن، هن چيو ته ڪتابن جي ڇپائي جي تعداد کي گهٽائڻ لاءِ اسڪولن ۾ ڪتاب بينڪ قائم ڪيا ويا آهن. ڪتاب هاڻي موبائل ايپليڪيشن ذريعي ڪتاب دستياب هوندا. پ پ ميمبر نثار کهڙي چيو ته ذهنيت کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ اڃا تائين اسيمبليون آهن. ڳالهيون ٻڌيون وڃن ٿيون. بجيٽ اڃا تائين اين ايف سي ايوارڊ مان ٺهيل آهي. جيڪڏهن اي ڊي پي ڪٽيو وڃي ته خواب اڻپورا رهجي وڃن ٿا. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته سڄي صوبي ۾ لوڪل گورنمينٽ تحت 436 ارب رپين جي لاڳت سان 1149 اسڪيمون آهن، جن مان 333 ارب رپين جون 557 اسڪيمون ڪراچي لاءِ آهن. ڪراچي ۾ 175 کان وڌيڪ اسڪيمون ۽ سڄي سنڌ ۾ 361 اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ڪيون وينديون. اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي.