ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده  پاران سنڌ اسيمبلي ۾ نئين اپوزيشن ليڊر لاءِ ايم پي اي رعنا انصار جي درخواست جمع ڪرائي وئي، ٻئي طرف متحده جي رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي، نگران سيٽ اپ لاءِ ليڊر آف ايوان ۽ اپوزيشن ليڊر کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي اسان فيصلو ڪيو آهي ته مخالف ڌر جو اڳواڻ اسان جو ٿيڻ گهرجي، رعنا انصار سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي شهرين جي ڀرپور نمائندگي ڪندي جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي وڏي دل رکندڙ پارٽيون آهن، انهي خال کي ڀرڻ لاءِ اسان پنهنجو فرض پورو ڪري ورتو آهي، اپوزيشن ليڊر بابت فيصلو وڏي وزير ۽ اسپيڪر کي ڪرڻو آهي.هن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته گذريل 15 سالن دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به ناهي مليو، شهيد ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺندڙن شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ ۾ فرق وڌايو آهي، هن وڌيڪ چيو ته آدمشماري واري معاملي تي اعتراض ڪرڻ تي اسان کي ديوار سان لڳايو ويو،