ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ايڊھاڪ رابطا ڪاميٽي سنڌ اسيمبلي ۾ علي خورشيدي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو، پارٽي اجلاس ۾  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي کي هٿ وٺي ڌاڙيلن ۽ ڦورن حوالي ڪيو ويو آهي، روزانو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿئي ٿو ته ڪيترائي شھري ڦرجي ٿا وڃن، ڪراچي واسين کي ڏوھارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي، هن چيو ته سنڌ حڪومت امن امان نه ڪرايو ته اسين ايوانن ۽ روڊن تي احتجاج ڪنداسين