ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪالهه لنڊن ۾ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي وارو اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا موجود هئا، گورنر هائوس جي ترجمان موجب گورنر ڪامران ٽسوري ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال،پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ عام چونڊن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هوڏانهن گورنر ٽسوري جو چوڻ ته مون نواز شريف کي خالد مقبوول جو اهم پيغام پهچايو