حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومنٽ حيدرآباد ضلعي اڳواڻن ۽ اڳوڻن مڪاني نمائندن سراج راجپوت، ڊاڪٽر اياز آرائين، ارسلان، ڪامران شيخ، ھارون سامري ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ کي انتظامي طور تي 4 حصن ۾ ورھائي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص تي ٻڌل صوبا ٺاهيا وڃن ته جيئن شھرن ۽ ٻھراڙي وارن کي سندن حق ملي سگھن. ھنن چيو ته ھي مطالبو لسانيت تي ٻڌل نه آھي نه ووٽ بينڪ بچائڻ جي ڳالھ آھي. انتظامي صوبا ٺھڻ سان ڪيترائي مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا. ھنن چيو ته تازو بلاول ڀٽو زرداري جي حيدرآباد جي دوري ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي مين اسڪيم جيڪا ھڪ ارب 33 لک رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڄامشورو روڊ، ھالا ناڪو، پريٽ آباد، لطيف آباد، قاسم آباد  ۽ شھر جي مختلف علائقن جي فلٽر پلانٽن کي اپ گريڊ ڪري انھن جي صلاحيتن کي وڌايو ويو جنھن جي افتتاحي تقريب دوران غلط بياني کان ڪم ورتو ويو جڏھن ته اھا فلٽر بلانٽ واري اسڪيم مرحوم ڪنور نويد جميل جي دور ۾ شروع ٿي ھئي ۽ افتتاح پڻ ٿيو ھو. ھنن چيو ته اسان جي چونڊيل نمائندن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ميئر مختلف حربا استعمال ڪري رھيو آھي ۽ حيدرآباد جو عوام شاھد آھي ته جيترا ترقياتي ڪم اسان جي دور ۾ ٿيا اوترا پيپلزپارٽي به نه ڪرائي سگھي آھي. ڪيترائي فلائي اوور اڌ ۾ رھيل آھن جن کي سياسي بنيادن تي روڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته حيدرآباد جي ميئر چارج وٺندي ئي سوين غريب بلديا جي ملازمن کي فارغ ڪري بک ۽ بدحالي جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. پاڻي ۽ ٻين بلن ۾ اڌو اڌ واڌ ڪري شھرين کي مھانگائي جي دٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي.