ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ هل هنگامو: متحده پاران اين ايف سي ايوارڊ جو ڍانچو بدلائڻ جو مطالبو، پ پ ايم پي اي اممتاز جکراڻي پاران ايم ڪيو ايم جي شهيدن کي جعلي ڪوٺڻ تان متحده ميمبرن جو گوڙ، ڪالهوڪي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر ريحان اڪرم چيو ته سرڪار ظاهري طور تي اربين رپين جي بجيٽ رکي آهي، 90 سيڪڙو اسڪيمون ٻهراڙي سنڌ لاءِ رکيون ويون آهن. سنڌ حڪومت هڪ اهڙوکاتو ٺاهيو آهي، جنهن کي اربين رپين جون اسڪيمون ڏنيون وڃن ٿيون. ان کاتي جو ڪو سيڪريٽري يا آفيسر ناهي، اهو کاتو ڪرپشن کاتو آهي، انهي مان سنڌ جا ڪجهه ماڻهو مستفيد ٿي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ميمبر مظاهر چيو ته سنڌ مان روينيو تمام گھڻو اوڳاڙيو وڃي ٿو، انهي ڪري اين ايف سي ايوارڊ جو ڍانچو تبديل ڪيو وڃي، انهي سان سنڌ جي حصي ۾ به واڌ ٿيندي. ليبر واري وزير شاهد ٿهيم چيو ته ايوان ۾ پي ٽي آئي ميمبرن غلط روايتون وڌيون، پ پ ميمبر گيانچند ايسراڻي چيو ته پ پ پونجو مل ڀيل کي سينيٽر ڪيو، روما مشتاق مٽو به هتي اقليت مان ميمبر ٿي ويٺل آهي. هن چيو ته ٿاڻو بولا خان اسپتال کي اپ گريد ڪيو وڃي، متحده جي فوزيا حميد چيو ته صحت جي بجيٽ 292 ارب رپيا هوندي لاڙڪاڻي ۾ ٻار ويڪسين نه ٿيڻ ڪري مرن پيا۔ ترقي رڳو اقتداري ٽيبل تائين آهي. پ پ جي جميل سومرو چيو ته وفاقي حڪومت پگهار ۾ صرف 10 ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو، سنڌ حڪومت پگهارن ۾ 12 ۽ پينشن ۾ 8 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. هن متحده ميمبرن جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان لاءِ ضياء الحق مئو ناهي، سندس باقيات زنده آهي. صوبائي وزير شاهينا شير علي پي ٽي آءِ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهي رات جو سمھن ٿا ته ته پارٽي چيئرمين هڪڙو صبح جو اٿڻ وقت چيئرمين ٻيو هجي ٿو. پ پ ميمبر اسماعيل راهو چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه برداشت نه ڪبي پ پ ميمبر تاج محمد ملاح چيو ته بدين کي به اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۽ لاڙ يونيورسٽي ڏني وڃي، پ پ جي ممتاز جکراڻي چيو ته جن کي ايم ڪيو ايم وارا شهيد چون ٿا، اهي جعلي شهيد آهن. قاتل، ڀتاخور ۽ دهشتگرد ڪڏهن به شهيد جو درجو نٿا ماڻي سگھن. اصلي شهيدن جو وارث غلام قادر چانڊيو هتي ويٺل آهي. ممتاز جکراڻي جي اهڙي تقرير تي متحده ميمبرن گوڙ ڪيو، متحده جي صابر قائمخاني چيو ته مهاجرن کان پهريان ڪراچي ڪجهه نه هئي، انهي کي مهاجرن ٺاهيو، سنڌ جي بينظيرن جا پير اگهاڙا آهن، سنڌ جي هڪڙي هڪڙي تڪ ۾ ويو آهيان، قسم کڻي چوان ٿو ته خوشحالي ڪٿي به ناهي. اڄ ڪائونسلر کان وٺي وزير اعليٰ هائوس تائين پيپلزپارٽي جا ماڻهو ويٺل آهن.
ماحوليات واري صلاحڪار پاران ايم پي ايز کي وڻ پوکڻ جي صلاح
ڪراچي: پاڪستان ماحولياتي گدلاڻ کان متاثر 10 مُلڪن ۾ شامل ماحوليات کاتي جي صلاحڪار پاران سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ماحولياتي بهتري لاءِ وڻ پوکڻ جي صلاح ان حوالي سان ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راھمون چيو ته ڪراچي ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ ڪچري جي ڪري ماحولياتي آلودگي وڌي ٿي۔ اسان پلاسٽڪ جي ٿيلھين تي پابندي لڳائي آھي۔ سمورن ميمبرن کي ماحولياتي بھتري لاءِ وڻ پوکڻا پوندا.
سنڌ ۾ 34 وزارتون آهن، 9 وزارتن جا قلمدان وزيراعليٰ وٽ آهن: فوزيه حميد
ڪراچي: وزيراعليٰ وٽ واڌو وزارتون هجڻ وارو معاملو اسيمبلي ۾ بحث جو موضوع بڻيل، ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر متحده جي ايم پي اي فوزيا حميد پاران پنهنجي تقرير دوران چيو ته سنڌ ۾ 34 وزارتون آهن، جن کان 9 وزارتن جا قلمدان وزيراعليٰ وٽ آهن. واضح رهي ته انهي کان اڳ به اپوزيشن ميمبرن پاران وزيراعليٰ وٽ واڌو کاتن جا قلمدان هجڻ وارو معاملو بحث هيٺ ايندو رهيو آهي.
سي ايم سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري مائٽ آهن، اپوزيشن ٻڌائي ته پي ايم ۽ سي ايم پنجاب مائٽ ناهن: فياض ٻٽ
ڪراچي: پ پ ميمبر فياض ٻٽ چيو ته اپوزيشن ميمبرن چيو هو ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري مائٽ آهن، پر ائين نه چيو ويو ته پي ايم ۽ سي ايم پنجاب به پاڻ ۾ مائٽ آهن. ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ۾ 35 سال اقتدار ۾ ڪير ويٺل رهيو؟ ڪنهن پارڪن تي قبضا ڪيا ۽ چائنا ڪٽنگ ڪئي؟ اپوزيشن وارا ڪي 4 منصوبي، سولر مهانگا ڪرڻ ۽ سکر حيدرآباد موٽر وي معاملي تي وفاق سامهون ڇو نه ٿا ڳالهائين؟