ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ، ٽهڪڙن ۽ هُل هنگامي سان بجيٽ تي بحث جاري، اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد، حڪومتي ميمبرن پاران صوبي ۾ بهتري اچڻ جي دعويٰ، ڪالهوڪي اجلاس ۾ ثقافت واري وزير ذوالفقار شاھه چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ثقافت کاتي جون 16 رٿائون مڪمل ٿينديون، هن چيو ته موهن جو دڙو تي هر سال 10 هزار پرڏيهي سياح ۽ لکين پاڪستاني گهمڻ ايندا آهن، ڪينجهر ڍنڍ تي به ڇنڇر ۽ آچر تي هزارين سياح ايندا آهن، اسان ڪينجهر تي وڌيڪ ڪمرا ۽ گيسٽ هائوس ٺاهينداسين. اسان ٿر تائين سفاري ڊزرٽ ٽرين هلائي، اسان انهي جو ڀاڙو گهٽ ۾ گھٽ رکڻ چاهيون ٿا،ا نهي لاءِ وفاق سان ڳالهائبو، هن چيو ته آرٽسٽن لاءِ ڪالوني قائم ڪنداسين، جتي کين پلاٽ ڏنا ويندا. ايم ڪيو ايم ميمبر فرحان انصاري چيو ته 50 سال اڳ ڪراچي ورسٽي وٽ لڳايل واٽر بورڊ جي لائين اڄ تائين تبديل ناهي ٿي، هن چيو ته تعليم کاتي لاءِ هيل بجيٽ ۾ اربين رکيا ويا آھن، هاڻ بجيٽ وڌڻ بعد تعليم به بھتر ٿيڻ گهرجي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ چيو ته مڇي جي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ ويندڙ منهنجي تڪ جا مهاڻا حادثن جو شڪار ٿيندا آهن ،انهن لاءِ ريسڪيو ٻيڙين جي سروس قائم ٿيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ ميمبر سجاد سومرو چيو ته 17سالن ۾ جيتري بجيٽ خرچ ٿئي آهي، انهي رقم مان هڪ ٻي جديد سنڌ اڏجي وڃي ها، آئون پڇان ٿو ته سنڌ جي ضلعن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻهوند ڇوآهي؟ پوليس تي 3 هزار ارب خرچ ٿيڻ باوجود ٿاڻن جي حالت خراب آهي، صوبي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آھي، صحافي ماريا پيا وڃن. هن چيو ته اومني گروپ کي سنڌ بينڪ مان بنا وياج اربين رپين جا قرض ڏنا ويا۔ ٻڌايو وڃي ته انور مجيد ڪير آھي؟ ايم ڪيو ايم ميمبر عبدالباسط چيو ته هينڊز سرڪار جي لاڏلي اين جي او آهي، جنهن کي 15 ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا وڃن ٿا، اهي وري حڪومتي شخصيتن کي پرڏيهي دورا ڪرائين ٿا، پ پ جي قاسم سومرو چيو ته آئون ساٿي ايم پي ايز کان پڇان ٿو ته ڇا اسان صحت ۾ پهرين نمبر تي ناهيون؟ ايم ڪيو ايم جي قرت العين چيو ته ايم ڪيو ايم جي شهيدن حق لاءِ شهادتون ڏنيون، هن وقت اسان 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن، پ پ ميمبر ايم ڪيو ايم ميمبر انجنيئر سيد عثمان چيو ته ٽيڪس وٺڻ جي ڳالھ هوندي آهي ته چيو ويندو آهي ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، جڏهن ڪراچي کي فنڊ ڏيڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته چوندا آهن ته وفاق ڏيندو. ڪرا چي جا شهري 320 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندا، موٽ ۾ کين ڪجهه نه ٿو ملي. هن چيو ته 9 وزارتون صرف وڏي وزير وٽ آهن. ايم پي اي واجد علي چيو ته وفاق سکر حيدرآباد موٽروي لاءِ 15 ارب رکيا آهن، ايترن پئسن مان موٽروي نه ٺهندو، گذريل بجيٽ ۾ 13ارب رکڻ باوجود ڪنهن هاري کي هاري ڪارڊ ناهن مليا. پ پ ايم پي اي لياقت آسڪاڻي چيو ته ايم ڪيو ايم تعصب جي سياست ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. تعصب جي سياست سببب ڪراچي جي عوام ايم ڪيو ايم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته جڏهن اسان آمريڪا ۾ رهندا آهيون ته آمريڪي سڏائيندا آهيون، اسان جا دوست وري 80 سالن کان سنڌي نه ٿيا آهن. پ پ ايم پي ايم ملڪ سڪندر چيو ته ٿاڻي بولا خان ۾ ماستر نه هئڻ ڪري 52 اسڪول بند پيل آهن، جيڪي کولرايا وڃن. آئون سنڌ سرڪار کي 20 ايڪڙ زمين ڏيان ٿو، اتي اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي چيو ته ڪراچي جو قلم الطاف حسين کسيو ھو، اوھان وري اسڪول تباھ ڪيا۔ 1000ارب رپين جي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ھڪ ارب به نه رکيا ويا آھن. وفاق کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو پر ڪراچي ۾ ڪم نٿا ڪن. پ پ جي راڻا همير سنگهه چيو ته عمرڪوٽ جي ريگستاني علائقي ۾ ڳوٺاڻن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهن تي وڃڻو پوندو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر معاذ محبوب چيو ته تعليم لاءِ 613 ارب رکيا ويا آهن، انهي باوجود 70 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش روم ناهن. جڏهن ته 60 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي.
نانگ تي شعر پڙهڻ تان متحده وارا ناراض: هل هنگامو
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي راجا رزاق جي تقرير دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن جو گوڙ، راجا رزاق تقرير جي شروعات ۾ نانگ تي شعر پڙهيو، جنهن تي ايم ڪيو ايم ميمبر ڪرن مسعود ناراض ٿي پئي، ايم ڪيو ايم ميمبرن جي هل هنگامي کانپوءِ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اٿي بيهي چيو ته راجا رزاق شعر ۾ نانگ جو ذڪر ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم وارا نانگ کي پاڻ ڏانهن ڇو پيا سمجهن؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايوان ۾ ڪنهن جي به بدمعاشي هلڻ نه ڏينداسين. جڏهن ته راجا رزاق جي تقرير ختم ٿيڻ بعد وڏي وزير راجا رزاق کي فرمائش ڪئي ته نانگ وارو شعر ٻيهر ٻڌايو وڃي.
زڪوات واري وزير پاران هڪ ارب منافعي لاءِ زڪوات فنڊ اسلامي بينڪ ۾ رکڻ جو اعلان
ڪراچي: زڪوات واري وزير رياض شاھ شيرازي چيو ته اسان هڪ لک 10 هزار مستحقن کي زڪوات فنڊ مان 16 ھزار رپيا ڏيون ٿا، زڪوات فنڊ جي رقم اسلامي بينڪ ۾ رکڻ سان ھڪ ارب رپيا منافعو ملندو، جيڪو مستحقن تي خرچ ٿيندو.