ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ سان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي جي اڳواڻي ۾ ايم پي ايز  جي وفد ملاقات ڪري تعليم جي ترقي جي حوالي سان اسيمبلي فلور تي ڪا به منفي سياست نه ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ملاقات ۾  صوبائي وزير سردار شاهه اپوزيشن اڳواڻن طرفان تعليم جي حوالي سان آيل تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻارن جي تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي منفي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ٻارڙن جي تعليم ھڪ سنجيده معاملو آھي جيڪو فائدي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گھرجي، ان موقعي تي اپوزيشن اڳواڻن ايم پي ايز پاران 3،3  اسڪول ايڊاپشن (هنج وٺڻ ) جي سلسلي ۾ صوبائي وزير طرفان اسيمبلي ميمبرن کي لکيل خط کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي  يقين ڏياريو ته تعليم جي سلسلي ۾ مسئلن جي نشاندهي لاءِ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ڪيو ويندو، مسئلن کي درست انداز ۾ حقيقت جي بنياد تي سامھون آندو ويندو. اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته اسڪول ايڊاپشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا 37 ايم پي ايز پنهنجن تڪن جي اسڪولن جي فهرست حتمي تجويزن سان جلد پيش ڪندا، ھن چيو ته اسان جا ايم پي ايز تجويز ڪيل اسڪولن جي نگراني جي ذميواري وٺڻ کانپوءِ پنهنجن سنجيده ڪوششن کي جاري رکندا ۽ هر ممڪن سهڪار ڪندا.