اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اي اين پي آئيني عدالت جي حمايت ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ جا اختلاف ختم نه ٿيا، پارليامينٽ جي خصوصي ڪاميٽي جو ستون اجلاس به بنا نتيجي ختم ٿي ويو. خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جي خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ حڪومتي اتحادين پي ٽي آءِ کي پنهنجو مسودو پيش نه ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن ته اي اين پي سربراهه ايمل ولي خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن سبب اجلاس هنگامي جي ور چڙهي ويو، عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان چيو ته بيريسٽر گوهر کانسواءِ پي ٽي آءِ جا سڀ ميمبر وقت ضايع ڪري رهيا آهن جنهن تي عمر ايوب سخت رد عمل ڏيندي چيو ته ان ڳالهه جو ڇا مطلب آهي؟ اوهان ڪير ٿيندا آهيو چوڻ وارا؟ ايمل ولي چيو ته آئون اوهانکي نه چيئر کي مخاطب آهيان اوهان به چيئر کي مخاطب ٿيو، جنهن تي عمر ايوب چيو ته آئون ته اوهان سان ڪڏهن ڳالهائڻ به پسند نٿو ڪريان، اجلاس ۾ اي اين پي پاران پنهنجو مسودو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته سمورن هاءِ ڪورٽس جي ڪيسن جو بار سپريم ڪورٽ تي پوي ٿو انڪري وفاقي آئيني عدالت قائم ٿيڻ گهرجي، مسودي ۾ چيف جسٽس جي مدي ۾ 3 سال واڌ جي مخالفت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اهو عمل ڪنهن هڪ شخص کي نوازڻ آهي انڪري چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ منظور ناهي، آئين ۾ سپريم ڪورٽ ۽ ايف سي سي جي اختيارن کي واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي، اي اين پي پنهنجي مسودي ۾ خيبر پختونخواهه صوبي مان خيبر لفظ ڪڍڻ جو به مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن سمورن مسودن تي وڌيڪ مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن تي پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته سمورا مسودا اچي چڪا آهن، هاڻ ائين نٿو ٿي سگهي، اڳ ۾ دير ٿي چڪي آهي، سڀني کي سنجيدا ٿيئڻو پوندو. اجلاس ۾ ذيلي ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ تي چيئرمين خورشيد شاهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ذيلي ڪميٽي جو فوري طور اجلاس گهرايو وڃي ۽ سمورين پارٽين پاران پيش ڪيل مسودن کي حتمي شڪل ڏني وڃي . اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ مسودو ته پري جي ڳالهه اڃا تائين تجويزون به پيش ناهن ڪيون جڏهن ته باقي سمورين ڌرين پنهنجا مسودا پيش ڪري ڇڏيا آهن، ستين اجلاس ۾ به پي ٽي آءِ رڳو بهانا بڻائيندي رهي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اڍائي ڪلاڪن واري اجلاس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، حڪومت وٽ پنهنجو ڪوبه مسودو ناهي کيس انتظار آهي ته ڪنهن ٻئي هنڌان مسودو اچي وڃي سندس هدف رڳو سپريم ڪورٽ ۽ عدليه کي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي، جي يو آءِ اڳواڻ شاهدا اختر علي چيو ته اميد آئيني ترميمن تي اتفاق ٿي ويندو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين سان ايم ڪيو ايم جي وفد سنڌ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ شامل آهن. ٻنهي پارٽين ۾ آئيني ترميم جي معاملي تي اتفاق راءِ ۽ شفافيت سان اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ اهڙا رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. شيري رحمان چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پنهنجي آئيني مسودي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي رهيو آهي. اڄوڪي اجلاس ۾ آئيني عدالتن جي قيام بابت ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي آگاهه ڪيو آهي. شيري رحمان چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جو پراڻو رشتو آهي، ٻنهي پارٽين ۾ معني خيز گڏجاڻي ٿي آهي. ٻئي طرف ترجمان ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد آئيني ترميمي پيڪيج جون تجويزون پيپلز پارٽي کي پيش ڪيون، ايم ڪيو ايم آئيني ترميم ذريعي مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏ آئيني تحفظ فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽي جي وفد ايم ڪيو ايم جون تجويزون اعليٰ قيادت کي پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پيپلزپارٽي جي وفد جي قيادت سان صلاح مشوري کانپوءِ ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ باهمي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي، ان حوالي سان مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي سان وڌيڪ ملاقاتون ڪيون وينديون.