لنڊن (م ڊ) ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين پراپرٽي ڪيس جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پراپرٽي ڪيس هارائڻ کانپوءِ پنهنجي قانوني ماهرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الطاف حسين چيو ته عدالت جو فيصلو مڪمل طور تي هڪ طرفو ۽ افسوس جوڳو آهي، وڪيلن کي چيو ته فيصلي خلاف اپيل جي لاءِ تيار ٿي وڃو. هن چيو ته فيصلي سان حوصلا بلند ٿيا آهن، جج جي فيصلي ۾ تضاد آهي، فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ لکيو ويو آهي ته وڌيڪ ٻڌڻي جي ضرورت آهي، فيصلي تي جشن ملهائڻ وارن جي فتح ۽ شڪست آهي. باني ايم ڪيو ايم چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ٻڌڻي دوران اسان طرفان پيش ڪيل حقيقتن ۽ ثبوتن کي نظرانداز ڪيو ويو.