ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) متحده باني، بلديه فيڪٽري سانحي جي مک جوابدار حماد صديقي سميت سنڌ جا 50 هزار کان وڌيڪ ڏوهاري ڀاڳيلا هجڻ جو انڪشاف، عدالت پاران حيرانگي جو اظهار، آءِ جي سنڌ کي گرفتاريءَ جو ٽاسڪ سونپي مفرور جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا فيڪٽري ڪيس جي مک جوابدار ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج حماد صديقي ۽ ٻين مفرور جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ رفعت مختار صوبي ۾ مفرور جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪئي، آءِ جي پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ متحده باني سميت 50058 جوابدار مفرور آهن، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڀاڳيلن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي، عدالت سنڌ صوبي ۾مفرور جوابدارن جي وڏي انگ تي حيرت جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته مفرور جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ به سنگين ڏوهه آهي، ھن وقت صوبي ۾ ڪا به سياسي حڪومت ناهي، ڪو به اڳوڻو ايم اين اي  يا ايم پي اي جوابدارن جي گرفتاري ۾ مداخلت نه ڪندو، عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته  رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 هزار مفرور جوابدار آهن، اتي ڊي آءِ جي ڇا پيو ڪري ؟ جنهن تي آءِ جي سنڌ جواب ڏيندي چيو ته مون 40 ڏينهن اڳ چارج ورتي آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به تازو ئي مقرر ٿيو آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ قبيلائي ۽ ڏورانهن علائقا آهن، جنھن ڪري ايڏي وڏي تعداد ۾ ڏوھاري مفرور آھن،  اسان مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪا ايس او پي يا ميڪنزم ٺاھيو آھي؟  اسان ڪنھن ٻئي آءِ جي جو انتظار نه ڪنداسين،  عدالت آءِ جي سنڌ کي مفرور جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏيندي جوابدارن جا شناختي ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ فوري طور بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نادرا  چيئرمين، گهرو وزارت، پرڏيهي آفيس ۽ اسٽيٽ بينڪ کان 23 آڪٽوبر تائين اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته مفرور جوابدارن جو انگ رڳو سنڌ ۾ وڌيڪ ناهي، سڄي ملڪ ۾ فرار ٿيلن جو انگ وڌيڪ آهي، ڏسڻو پوندو ته مفرور جوابدارن جو ايڏو وڏو انگ ڇو آهي؟ هوڏانهن آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ صوبائي سطح تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ چيو ته مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جون لسٽون اپڊيٽ ڪري سڄي صوبي خاص ڪري لاڙڪاڻي رينج ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو وڃي، يقيني ڪاميابي لاءِ انٽيليجنس ڪليڪشن سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي

ڪراچي: سي ٽي ڊي  جي لسٽ  ۾ متحده باني سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث 608 جوابدارن جا نالا به شامل آهن. جڏهن ته ڀاڳيلن مان 8 جوابدار پرڏيهه فرار ٿيل آهن، متحده باني 1992ع کان اولهه ضلعي جي هڪ ڪيس ۾ لنڊن فرار آهي، مٿس حيدرآباد، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن، پرڏيهه فرار ٿيل ٻين جوابدارن ۾ عديل، خليل احمد، راشد اقبال، عدنان عرف چيوڙا شامل آهن. ڪراچي جي اوڀر زون مان 6102، ڏکڻ زون  مان 4252 ۽ اولهه زون مان 1908 جوابدار فرار آهن، ساڳئي ريت حيدرآباد  ڊويزن ۾ 6282 مفرور جوابدارن مان 3 پرڏيهه فرار ٿيل آهن، ميرپورخاص جي 536  مفرور جوابدارن مان 3 پرڏيهه فرار آهن، شهيد بينظير آباد ۾ 2126 سکر ڊويزن ۾ 4987  ۽ لاڙڪاڻي ۾ 23257 ڏوهاري مفرور  آهن،