ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) متحده سان لاڳاپيل ڪامران ٽسوري سنڌ جي 34هين گورنر طور حلف کڻي ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ گورنر هائوس ۾ ڪامران ٽسوري کان حلف کڻايو، گورنر هائوس  ۾ ٿيل حلف برادي  تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، صوبائي وزيرن امتياز شيخ ۽  سعيد غني، متحده جي ايم اين اي  خالد مقبول صديقي، اڳوڻي ميئر وسيم اختر، ايم پي اي خواجا اظهار، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب، خاص معاون وقار مهدي شرڪت ڪئي، تقريب بعد گورنر ڪامران ٽسوري ڳالهائيندي چيو ته عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس،  ذميواريون نڀائڻ لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلندس. هن وڌيڪ چيو ته صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ هر لاڳاپيل فورم تي آواز اٿاريندس. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ڏينهن آئين جي آرٽيڪل 101 جي ذيلي شق ون  هيٺ ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. سنڌ جي گورنر جو عهدو پي ٽي آءِ  جي عمران اسماعيل جي استعيفا کانپوءِ خالي ٿيو هو،  سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي گورنر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.