هدين ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين اي ڊي ورسٽي پاڻ کي بهترين ادارن مان ھڪ ثابت ڪيو آهي، ڪالهه اين اي ڊي يورسٽي سٽي ڪيمپس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن پيڊسٽرين پلن جي ڊزائين واري مقابلي ۾ آرڪيٽيڪچر جي شاگردن پاران ڪيل شاندار ڪم کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، مونکي پڪ آهي ته ڪي ڊي اي ٽيم انهن لنگھن کي اسائنمينٽ جي اصل روح موجب شامل ڪندي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته اهي تعميراتي مشق کي عوامي سطح تي عملي جامو پهرائڻ ۾ هٿ ونڊرائين. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، انهن تي به چائنا ڪٽنگ ڪئي وئي. ٻيٽن بابت آيل صدارتي آرڊيننس پڻ ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان پهريان چوندو هو ته مسئلا حل ڪندس، هاڻي وري چوي ٿو ته زمين وڪڻندس. جهانگير ترين جي ڊنر پارٽي کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته وزيراعظم وٽ عددي اڪثريت ناهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ تڪراري آدمشماري کي منظور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي گڏيل مفادن جي اجلاس ۾ تڪراري آدمشماري کي منظور ٿيڻ کان روڪيو. هن چيو ته واپارين لاءِ سنڌ حڪومت جا دروازا کليل آهن.