ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ متحده، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ۾  پ پ مخالف اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق،  سنڌ ۾ ڪامورن جي مقررين تي سخت اعتراض، آرمي چيف کان سنڌ ۾ هلندڙ سسٽم جي خاتمي ۽ احتسابي عمل تحت گرفتارين جو مطالبو ڪري ڇڏيو ـ ڪالهه   جي يو آءِ جو وفد علامه  راشد محمود سومرو جي سربراھي ۾ ايم ڪيو ايم مرڪز پھتو،  جتي هن ڊاڪٽر فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات  ڪئي ـ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڳوٺاڻي سنڌ ۾ جي يو آءِ  پ پ کان وڌيڪ  اسٽريٽ پاور رکي ٿي، اتي  جي ڊي اي جو به ڪم ٿيل آھي، اسين گڏجي سنڌ ۾15 سالن کان جاري ظلم واري سسٽم کي ختم ڪري  عوام لاء متبادل طور اميد جو ڪرڻو بڻجي رھيا آھيون، هن چيو ته  سنڌ ۾ بدامني  ڪرپشن ۽ قبضن ذريعي ظلم ڪيو ويو ، ھن وقت نگران حڪومت به ظالم  سسٽم جي آفيسرن کي ئي مقرر ڪيو آهي، جن جي مقرري رد ڪريون ٿا، اسان  ڪامورن جي مقرري بابت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجن تحفظات کان آگاھي ڏني آھي، ھن چيو ته پ پ سدائين سنڌ ڪارڊ کيڏي ٿي،  ھن ڀيري کين اهو ڪارڊ کيڏڻ نه ڏينداسين ، اسان ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ جي ماڻهن  لاءِ متباد قيادت ٿي ميدان ۾ لٿا آھيون، جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو ته پ پ ھاڻي عوامي نه پر وڏيرن، ميرن پيرن ۽ جاگيردارن جي پارٽي آھي،  جي يو آءِ ڪڏهن به پ پ جي اتحادي ناھي رھي ۽ نه ئي رھندي،  ايم ڪيو ايم،  جي ڊي اي ۽ جي يو آءَ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جو مقابلو ڪنداسين ۽ ڪامياب ماڻينداسين، هن چيو ته  اليڪشن  ڪميشن سنڌ ۾ ايماندار۽ غير جانبدار  آفيسرن جي مقرري کي يقيني بڻائي تڪبندين توڙي آر اوز بابت اسانجي تحفظات  کي ختم ڪري، ٻي صورت ۾ گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين،  ھن چيو ته سنڌ ۾ ھاڻي لسانيت ۽ نفرت وارو ڪو به ڪارڊ نه ھلندو،  سڀ گڏجي سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين، هن آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾هلندڙ سسٽم جو خاتمو آڻي،   احتساب جو عمل تيز ڪري،  ڪرپٽ ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي