ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوھاڻ کي سنڌ مان بدلي ڪري ـ سنڌ ۾ مقرر ٿيل آفيسرن جي غير جانبداري يقيني بڻائي وڃي ـ ڪالھ پاڪستان ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر مصطفي ڪمال چيو ته جيڪي ماڻهو 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو مطالبو ڪن پيا انھن کان پنجاب ۽ ڪي پي ڇو وسري ويا آھن ۽ ھاڻي چون ٿا ته پراڻي آدمشماري ۽ پراڻين تڪ بندين تي اليڪشن ڪرايوـ سي سي آءِ مان انھن آدمشماري پاڻ منظور ڪرائي ـ آئيني طور آدمشماري جي منظوري کانپوءِ تڪ بندين ۽ ووٽر لسٽن کانسواء اليڪشن ڪيئن ممڪن آھي؟ ھن چيو ته اليڪشن جو 90 ڏينهن وارو مطالبو ڪندڙن کي پنهنجو سسٽم خراب ٿيندي محسوس پيو ٿئي ـ انھن کي اڄ جھموريت ۽ آئين ياد آھي پر ,2010 ۾ بلدياتي مدو پور ٿيڻ بعد اليڪشن 2015 ۾ ٿي ۽ وري پوءِ 2019 ۾ پورو ٿيڻ بعد 2022-23 ۾ ٿي ته ان وقت جھموريت ڇو ياد نه آئي؟ ھن چيو ته اسين اليڪشن ۾ دير جا بلڪل حامي ناھيون پر شفاف چونڊن لاءِ تڪ بنديون ۽ نيون ووٽر لسٽون ضروري آھن