لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ جي پرائمري اسڪول ۾ برسات متاثر خاندانن اسڪول خالي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته سندن کي متبادل رهائش ۽ امدادي سامان ڏنو وڃي تنهن بعد ئي اسڪول خالي ڪيو ويندو، ٻي پاسي صبح ويل اسڪول ۾ تدريسي عمل لاءِ استاد، شاگرد پهتا ته متاثرين گيٽ بند ڪري ڇڏيو جنهن تي استادن سڪندر چانڊيو، ياسين راجپوت، بشير خاصخيلي،شاگردن خليق ٽوٽاڻي،وسيم تونيو، طلحه مغيري سميت ٻين شاگردن ۽ استادن اسڪول جي گيٽ اڳيان سخت احتجاج ڪيو.اڳواڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کان حڪم آهن ته اسڪول خالي ڪرائي تدريسي عمل شروع ڪيو،برسات متاثرن گيٽ کي تالو هڻي ڇڏيو، انتظاميا اسڪول خالي ڪرائي ڏي ته جئين اسان پڙهائي جو سلسلو هلائي سگهون.