ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني ادارن جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ نگران صوبائي وزير آمهون سامهون، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران بلڙي شاھ ڪريم جي ٽائون آفيسر کي هٽائڻ وارو آرڊر نگران وزير جي پرائيوٽ سيڪريٽري جي زباني حڪمن تي رد، ٽائون آفيسر ساڳئي عهدي تي لڳي ويو! ان حوالي سان ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته مڪاني ادارن واري کاتي ۾21 هين گريڊ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ ۽ نگران صوبائي وزير مبين جماڻي ۾ اندروني طور تي اختيارن جي جنگ شروع ٿي وئي آهي. ڄاڻ موجب  ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ بلڙي شاھ ڪريم جي ٽائون آفيسر ذوالفقار مارفاڻي کي مختلف الزامن هيٺ  هٽائي مڪاني کاتي ۾ او ايس ڊي مقرر ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران صوبائي وزير مبين جماڻي جي پرائيٽ سيڪريٽري رياض مڱريو جي زباني حڪمن تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جو جاري ٿيل آرڊر رد ڪري ذوالفقار مارفاڻي کي بلڙي شاھ ڪريم ۾ ئي ٽائون آفيسر بحال ڪرايو ويو، اتان عبدالنبي پليجو کان عارضي چارج پڻ واپس ورتي وئي .