مبينا اغوا بعد بازياب ڪرايل ذيشان ڀٽي جي معاملي ۾ اھم اڳڀرائي

0
145
ذيشان ڀٽي کي ڀنگ لاءِ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پوليس پاران هڪ ڏينهن اڳ ٺيڪيدار جي پٽ کي لاڙڪاڻي جي رتوديرو مان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائڻ وارو معامري ۾ اڳرڀرائي ٿي آهي

12 ڏينهن اڳ لالو لاشاري مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل نوجوان ذيشان ڀٽي کي ڀنگ لاءِ حراسان ڪرڻ واريون وڊيوز ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتيون

وڊيوز ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته نوجوان کي اغوا ڪندڙ حراسان ڪندي سندس والدين کي ڀنگ جي رقم ادا ڪرڻ جو چئي رهيا آهن, پڃاري ٿاڻي جي پوليس 19 مارچ تي تي ٺيڪيدار مقصود ڀٽي جي فرياد تي سندس پٽ ذيشان ڀٽي جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل ڪيو هو

مغوي جي وارثن کان نوجوان جي بازيابي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو جيڪا آڊيو وارثن پوليس کي فراهم ڪئي هئي

پوليس گذريل ڏينهن مغوي کي بازياب ڪرائي هڪ عورت صائقه جٽ،جوابدار اشرف ۽ وير اوڏ سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي, پوليس پاران پريس ڪانفرنس بعد جوابدارن کي موبائل ۾ کڻي وڃڻ بدران پروٽوڪول ڏئي ويگو گاڏي ۾ کڻي وڃڻ وارا فٽيج به وائرل ٿي ويا

ھي به پڙھندا

روهڙي ويجهو مبينا طور نوجوان اغوا