اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب مبارڪ ثاني ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني واري فيصلي ۾ مختلف عدالتي فيصلن جو حوالو ڏنو، عدالت چيو ته عدالتي فيصلن ۾ طئي ڪيل اصولن کان مختلف راءِ نٿي ڏئي سگهجي، اتفاق سان ڪجهه آبزرويشنز اهڙي به ڏني وئي آهي جيڪا عدالت فيصلن مطابق ناهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت پنهنجي فيصلي ۾ درستگي ڪري.