مبارڪپور(ن پ ا)  مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله بخش لنجواڻيءَ ۾ 9 ورهين جي زبيده ڌيءَ بهار لنجواڻي کي پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  نينگري جي عمر ننڍي هجڻ تي  مولويءَ  نڪاح پڙهائڻ کان جواب ڏنو ته گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا وڙهي پيا. گهوٽيتا بغير نڪاح پڙهائڻ جي نينگري زبيده لنجواڻي کي بلوچستان جي علائقي اوستا محمد کڻائي ويا. گهوٽيتن جو چوڻ هو ته ڇوڪري جو 30 هزار عيوض سڱ ورتو آهي، اڄ شادي رٿيل هئي، ڳوٺاڻن جهيڙو ڪيو. ڪنوار زبيده لنجواڻي جي والد بهار لنجواڻي جو چوڻ هو ته پٽُ عبدالطيف ڌيءَ زبيده 30 هزارن عيوض انهن جي نالي ڪئي هئي، جيڪو پاڻ سعودي عرب ڪمائڻ لاءِ ويل آھي مان مجبور ٿي انڪار ناهي ڪيو، مولوي نڪاح کان جواب ڏنو، جنهن سبب جهيڙو ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي مبارڪپور پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو. ظلم ٿيو آهي منهنجي نياڻي بنا نڪاح جي کڻي ويا آهن، جيڪا واپس ڪرائي وڃي، مولوي ٻڌايو ته مونکي نڪاح لاءِ گهرايو ويو نينگري جي عمر ننڍڙي هئي مون نڪاح پڙهائڻ کان جواب ڏنو ته ڌريون وڙهي پيون،هوڏانهن ايس ايڇ او عبدالمجيد سڌايو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خبر پئي ته گهوٽيتن جا  مائٽ پاڻ ۾ وڙھي پيا آھن ۽ نينگري کي اوسته محمد کڻي ويا آھن ڪجھ ماڻھو گرفتار ڪيا آھن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.